199

پاڪستان سوڌو سڄي دنيا ۾ اڄ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، ريليون، سيمينار ۽ تقريبون منعقد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سوڌو سڄي دنيا ۾ اڄ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ مختلف علائقن ۾ سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي تنظيمن پاران عورتن جي حقن بابت جاڳرتا ريليون ڪڍيون پيون وڃن، جڏهن ته عورتن جي عظمت بابت سيمينار ۽ تقريبون پڻ ڪوٺايون پيون وڃن. سال 1914ع ۾ عورتن جو ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ 8 مارچ واري ڏينهن کي چونڊيو ويو ۽ پوءِ 1975ع ۾ گڏيل قومن 8 مارچ کي عورتن جو عالمي ڏهاڙو قرار ڏنو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو