242

آمدني کان وڌيڪ ملڪيت وارو ڪيس: نيب مريم نواز کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيب ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس جي جاچ ۾ مريم نواز کي به شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. رپورٽن مطابق ليگي اڳواڻ ۽ مريم نواز جي مڙس ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي ۽ نيب لاهور مريم نواز کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نيب لاهور جو چوڻ آهي ته ڪيپٽن (ر) صفدر مريم نواز جي نالي تي مختلف هنڌن تي زمينون ۽ ملڪيتون خريد ڪري رکيون آهن، ان سلسلي ۾ مريم نواز کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو