اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جا ڪلور جاري آهن، وائرس سبب وڌيڪ 22 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 1592 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 592 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 22 ماڻهو فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 17 سيڪڙو، لاهور ۾ 36 سيڪڙو، پشاور 20 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 30 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 38 سيڪڙو، اسلام آباد 31 ۾ سيڪڙو، گجرات ۾ 94 سيڪڙو ۽ ملتان ۾ 29 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 37 هزار 347 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 7 هزار 813، پنجاب ۾ 14 هزار 677، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 141، اسلام آباد ۾ 34 هزار 578، بلوچستان ۾ 267، گلگت بلتستان ۾ 263، آزاد ڪشمير ۾ 608 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 60 هزار 458 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 211 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 18 هزار 415 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 92 هزار 100 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 10 هزار 579، بلوچستان ۾ 19 هزار 117، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 959، اسلام آباد ۾ 45 هزار 740، خيبرپختونخواهه ۾ 74 هزار 27، پنجاب ۾ 1 لک 77 هزار 823 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 59 هزار 855 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 13 هزار 227 آهي جن مان سنڌ ۾ 4 هزار 426 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 5 هزار 565 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 13 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. خيبرپختونخواهه ۾ 2 هزار 113 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. اسلام آباد ۾ ڪل 509 فوتگيون ٿيون. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. بلوچستان ۾ 201 فوتگيون، گلگت بلتستان ۾ 102 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 311 فوتگيون ٿيون. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 92 لک 46 هزار 827 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 631 اسپتالن ۾ 2 هزار 701 مريض علاج هيٺ آهن.
267