ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ تيز رفتار واٽر ٽينڪر موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ معصوم ٻارڙي پيءَ سوڌو چيڀاٽجي فوت ٿي وئي آهي. رپورٽن مطابق ڪراچي جي ناظم آباد 7 واري علائقي ۾ تيز رفتار واٽر ٽينڪر موٽرسائيڪل تي چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ورهين جي سدره ۽ سندس 40 ورهين جو پيءُ ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو 35 ورهين جو عبدالواحد زخمي ٿي پيو، فوتين جا لاش ۽ زخمي کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو. واقعي کانپوءِ مڇريل ماڻهن واٽر ٽينڪر کي باهه ڏئي ڇڏي.
153