214

ڄامشورو ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار نه گهٽجي سگهيو، وڌيڪ 6 ڄڻا زخمي، ضلعي انتظاميا اگهور ننڊ ستل

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ۾ ڪتن جي ڏاڙهجڻ سبب فوت ٿيل ٽن ورهين جي ٻارڙي ايمان سهتو واري واقعي کانپوءِ به ڄامشورو ضلعي انتظاميا اگهور ننڊ ستل آهي، شهر جي مختلف علائقن ۾ رولو ۽ ڇتن جي ڏاڙهجڻ سبب 18 ورهين جو اشرف نوحاڻي، 4 ورهين جي مهوش، 30 ورهين جي تهمينه، 10 ورهين جو غلام حسين، 5 ورهين جو بلاول ۽ 40 ورهين جي منظوران زخمي ٿي پيا، جن کي لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو، جتي سندن نالا فائيل ۾ داخل ڪرڻ کانپوءِ کين ويڪسين لڳائي روانو ڪيو ويو. ان کانسواءِ گذريل ڏينهن به ڄامشورو جي ڳوٺ عبدالله چاوڙو ۾ معصوم ٻارڙن نويد بروهي، محمد چانڊيو، شورا ڳوٺ ۾ عثمان سنجراڻي ۽ ڄامشورو ڦاٽڪ تي شعيب بليدي کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو هو، ان باوجود ضلعي انتظاميا پاران ڪوبه تحرڪ نه ورتو ويو، جنهنڪري اڄ وڌيڪ 6 ڄڻا رولو ۽ ڇتن ڪتن جي ڏاڙهجڻ سبب زخمي ٿي پيا. گذريل ڏينهن کان هن وقت تائين 10 ڄڻا ڪتن جي ڏاڙهجڻ سبب زخمي ٿي چڪا آهن پر ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ۾ ڪتن جي ڏاڙهجڻ سبب فوت ٿيل ٽن ورهين جي ٻارڙي ايمان سهتو واقعي ۾ ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي، اهڙي واقعي کانپوءِ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪيپٽن (ر) فريد الدين مصطفيٰ هنگامي گڏجاڻي ڪوٺائي لاڳاپيل عملدارن کي ڪتا مار مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، جنهن جي ٻئي ڏينهن ٽيم لمس ڪالوني ڄامشورو ۾ ڪجهه ڪتا ماري فوٽو سيشن کانپوءِ گم ٿي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو