229

اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ دهشتگردي جو خدشو، افغانستان مان ٽي ٽي پي ٻيهر منظم ٿي رهي آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته افغانستان مان تحريڪ طالبان پاڪستان ٻيهر منظم ٿي رهي آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ دهشتگردي وارن واقعن جو خدشو آهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد جو وڌيڪ چوڻ هو ته گذريل ڏينهن راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ فائرنگ جا 2 واقعا پيش آيا، جنهن جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا، اهڙن واقعن جي مذمت ڪريان ٿو، اسان جي فوج ۽ پوليس جانين جا نذرانا پيش ڪري امن قائم ڪيو، زندگي جو ڪو معاوضو ناهي، ان باوجود شهيدن جي وارثن سان هر قسم جو سهڪار ڪيو ويندو. شيخ رشيد چيو ته پوليس ۽ فوج امن امان قائم ڪري ٿي، ڪالهه فوج 5 دهشتگردن کي ماريو، افغانستان مان تحريڪ طالبان پاڪستان ٻيهر منظم ٿي رهي آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ دهشتگردن وارن واقعن جو خدشو آهي، پر دهشتگرد شڪست کائيندا ۽ ملڪ ۾ امان امان وارو ماحول پيدا ٿي ويندو. هن چيو ته اسلام آباد جا 3 ناڪا ختم ڪنداسين، سمورا ناڪا فضل آهن جيڪي غريبن کي تنگ ڪن ٿا، اسيمبلي ٻاهريان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو خراب هو، ان جي جيتري مذمت ڪجي سا گهٽ آهي، اڳواڻن کي به پريس ڪانفرنس لاءِ مناسب جاءِ جي چونڊ ڪرڻ گهرجي ها.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو