293

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر جي اڳواڻيءَ ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي ۽ تقريب

ڄامشورو(ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو آهي ته سماج ۾ عورتن جي ڀرپور شرڪت کان سواءِ ترقي ممڪن نه آهي. والدين پنهنجين نياڻين کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان انسٽيٽيوٽ آف جينڊر اسٽڊيز پاران منعقد ڪرايل واڪ ۾ شريڪ ماڻهن کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ريلي فاطمه جناح گرلز جمنازيم کان شروع ٿي، جيڪا علامه آءِ آءِ قاضي چوڪ وٽ پهچڻ بعد جلسي جي صورت اختيار ڪري ويئي. واڪ جي اڳواڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ۽ انسٽيٽيوٽ آف جينڊر اسٽڊيز جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مصباح بيبي ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وائيس چانسلر چيو ته اڄوڪو ڏهاڙو عورتن کي بااختيار بنائڻ جو پيغام ڏيئي رهيو آهي. عورتن جي اهميت ۽ معاشري جي جوڙجڪ ۾ سندن ڪردار کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، کين بهترين تعليم فراهم ڪرڻ اسان جو فرض آهي. هن چيو ته والدين پنهنجين نياڻين کي بااختيار بنائڻ لاءِ تعليم ڏيارين ۽ سندن مناسب پرورش ڪن ته جيئن هو مضبوطيءَ سان معاشري ۾ پنهنجو مقام ٺاهي سگهن. هن چيو ته عورتن جي حقن جو سماج جي هر فرد کي خيال رکڻو پوندو ۽ اهو تڏهن ٿيندو جڏهن اسان جي سماج ۾ عورت تعليم يافته ٿيندي. وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪلهوڙو وڌيڪ چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جينڊر اسٽڊيز جو شعبو موجود آهي. اسان يونيورسٽيءَ ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي شاندار ريلي منعقد ڪري ثابت ڪيو آهي ته پاڪستان خاص طور سنڌ جون عورتون باشعور آهن ۽ هو هر محاذ تي مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ملڪي ترقي ۽ عوامي خوشحاليءَ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هن چيو ته معاشري ۾ عورت کي بهترين مقام ڏيارڻ لاءِ اعليٰ تعليم ڏيارڻي پوندي ۽ کين روزگار جا ذريعا فراهم ڪرڻا پوندا. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي 30 هزار شاگردن جي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته يونيورسٽيءَ کي مثالي بڻائي سگهجي. ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ آف جينڊر اسٽڊيز جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مصباح بيبي چيو ته عورت جو معاشري ۾ اهم ڪردار آهي. اها عورت ئي آهي، جنهن جي ڪري اسان سڀ هتي آهيون. هن چيو ته ملڪ ۾ عورتن جي حقن بابت قانون سازي ته موجود آهي، پر ان تي عمل جي ضرورت آهي. ان کان اڳ ريليءَ ۾ ڊاڪٽر امام الدين کوسو، ڊاڪٽر محمد بخش بڙدي، ڊاڪٽر امير علي ٻرڙو، محمد معشوق صديقي، انجنيئر سجاد حسين شاهه، ڊاڪٽر غزالا پنهور، مس مختيار ڀٽي ۽ ٻين ڪيترن ئي استادن، آفيسرن ۽ ملازمن شرڪت ڪئي. ريليءَ جي پڄاڻيءَ کانپوءِ انسٽيٽيوٽ آف جينڊر اسٽڊيز ۾ هڪ تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪلهوڙو کي “سيفٽي فار آل” ايپ بابت بريفنگ ڏني ويئي. ڄاڻايل ايپ ذريعي هراسمينٽ ۽ ٻين معاملن بابت فوري طور ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرس کي آگاهه ڪري سگهبو، جيڪو ترت ايڪشن وٺي معاملي کي حل ڪندو. ڄاڻايل ايپ ۾ فوري مدد لاءِ الارم به وڄائي سگهبو، جنهن سان متاثر عورت يا مرد کي فوري طور امداد ملي سگهندي. ڄاڻايل ايپ کي شاگرد، ملازم توڙي ٽيچر پنهنجي موبائيل تي ڊائون لوڊ ڪري ڪئمپس جي ايراضيءَ ۾ مڪمل طور تحفظ حاصل ڪري سگهن ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو