ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽيز ۾ ڇا ٿيندو آهي؟ اڄ تائين ڪا اڳڀرائي ناهي ڏٺي، اهڙين جي آءِ ٽيز جو ڪهڙو فائدو جنهن مان ڪجهه نه نڪري. رپورٽن مطابق جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي ڪمري ۾ گم ٿيل شهري جي امڙ لڙڪ لاڙيندي چيو ته خبر ناهي ڪڏهن مري وڃان، پٽ کي آڻيو. گم ٿيل ماڻهو بازياب نه ٿيڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو رمارڪس ڏنا ته جي آءِ ٽيز ۾ ڇا ٿيندو آهي؟ اڄ تائين ڪا اڳڀرائي ناهي ڏٺي، اهڙين جي آءِ ٽيز جو ڪهڙو فائدو جنهن مان ڪجهه نه نڪري. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو عورت کي تسلي ڏيندي چيو ته منهنجي ڀيڻ آخري حد تائين وينداسين. عدالت ڪي پي ڪي جي حراستي مرڪز کان رپورٽ طلب ڪندي پوليس عملدارن کي گم ٿيل ماڻهن وارن ڪيسن ۾ اڳڀرائي رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.
212