246

ساهتي پرڳڻي جي لٻاڻا شهر جي سار لڌي وڃي….

ليکڪ: محمد خالد ميمڻ

ڦل شھر ڀرسان نلڪو اسٽاپ ۽ ڳوٺ هوتي ڦل (پراڻو نالو ڀونڀٽ پور) لڳ انگريزن جي دؤر جو هڪ تاريخي ڪاروباري حساب سان تمام گهڻو خوشحال شھر”لٻاڻا“جتي سک ۽ هندو رهندا هئا، هن شھر بابت وڏي عمر جي ماڻھن جي چوڻ آهي ته هتي وڏيون وڏيون بازارون هونديون هيون، هڪ پاسي سک ته ٻئي پاسي هندو رهندا هئا، وڏو وڻج واپار هوندو هو، وڏيون وڏيون عمارتون ھيون، جنهن جي مٿان مورچا ٺھيل هوندا هئا، هن شھر جي هڪ شي ڪاٺ جي ٺھيل وارن واري ”ڦڻي“مشھور هوندي هئي، جيڪا اتي ٺهندي هئي ۽ خاص طور ٻاهريان ماڻھو اها وٺي ويندا هئا، لٻاڻا شھر ۾ مندر ۽ گردوارا به هئا، شھر ۾ هڪ پاڻي جو کوهه به هوندو هو، جتان شھر جا سڀ رهاڪو پاڻي ڀريندا هئا، هتان جا رهاڪو ڪاروباري هوندا هئا ۽ ڪجهھ سرڪاري ملازم پڻ هيا، ان دؤر ۾ ڦل ڳوٺ ۽ آس ڀرپاسي جي ڳوٺن ۽ شھرن جا ماڻھو لٻاڻا شھر مان کاڌ خوراڪ ۽ ٻئي سامان جي خريدار پڻ ڪرڻ ويندا هئا، ورهاڱي کانپوءِ شهر ۾ رهندڙ سک ۽ واڻيا پنهنجون ملڪيتون،گهر، دڪان ۽ زمينون هتان جي ماڻهن وٽ امانت طور رکي شھر مان لڏي هندوستان جي مختلف شھرن جهڙوڪ ممبئي ۽ دهلي ڏانهن هليا ويا ۽ بعد ۾ وري ڪيترائي ئي اتان کان ڪينيڊا ۽ ٻين ملڪن ڏانهن واپار جي سلسلي ۾ هليا ويا، هتان جي وڏي عمر وارن ماڻھن جي چوڻ مطابق ايوب خان جي دؤر تائين هنن جو هتان جي دوستن سان خط و ڪتابت ذريعي رابطو هوندو هو پر جڏهن 1965ع جي پاڪستان هندوستان جي جنگ لڳي ته پوءِ اها خط و ڪتابت بند ٿي وئي، اڳتي هلي سندس گهرن، دڪانن مان لوهه، ڪاٺ، پڪيون سرون ۽ ٻيو سامان ماڻھو ڪڍي ويا ۽ هن شھر جون زمينون به اتي آباد ڪيل ماڻھن جي نالي ٿي ويون، ۽ آھسته آھسته هن شھر جون عمارتون ڀتيون ڪري پيون ۽ وڏا مٽي جا دڙا وڃي بچيا ۽ ماڻھن انهن مٽي جي دڙن جي مٽي به کڻي ويا ۽ هاڻي وڃي چند ئي ننڍا ننڍا مٽي جا دڙا بچيا آھن، جن تي پڻ وڻ ۽ سر ڦٽي ويا آھن، ڦل شھر جي هڪ سماج سڌارڪ حاجي روشن الدين ڦل هڪ ڪچھري ۾ ٻڌايو ته سال 2005ع ۾ هڪ سک جنهن جو نالو سريندر سنگهھ هو ۽ اصل ممبئي جو رهاڪو هو ۽ ان وقت ڪينيڊا ۾ رهندو هو، اهو هتي آيو هو ۽ ان ٻڌايو ته لٻاڻا شھر ۾ منهنجو والد ڌني سنگهھ جيڪو ريلوي کاتي ۾ ملازم هو، چاچو ۽ ٻي پوري فيملي رهندي هئي ته مان جڏهن ڪينيڊا مان پاڪستان گهمڻ پئي آيس ته منهنجي والد ڌني سنگھه چيو ته مان به تون سان گڏ پنهنجو وطن سنڌ گهمڻ هلندس ته چيومانس ته مان پهريان ڏسي اچان بعد ۾ اوهان کي به وٺي هلندس، سريندر سنگهھ کي سندس گهر وارن ٻڌايو هو ته اتي سنڌ ۾ ڦل ڳوٺ ڀرسان لٻاڻا شھر هوندو اهو ڏسي ۽ ان جون تصويرون ڪڍي اچجان، حاجي روشن الدين ڦل ٻڌايو ته جڏهن سريندر سنگهھ آيو ته ان جڏهن لٻاڻا شھر جي تباهه حالي ڏٺي ۽ پراڻن گهرن جون ڪريل ڀتيون ۽ مٽي جا دڙا ڏسي روئي ڏنو هو، سريندر سنگهھ پراڻن دڙن ۽ ڀتين جون تصويرون ڪڍيون ۽ هرسال رابطو رکڻ ۽ بعد ۾ وري پوري خاندان کي هتي وٺي اچڻ جو واعدو ڪري ويو هو پر 16 سال گذرڻ باوجود ان ڪوبه رابطو نه ڪيو ۽ اسان سندس ڏنل ڪينيڊا واري نمبر تي رابطو ڪيو هو پر اها ڪال ڪنهن به اٽينڊ نه ڪئي هئي، گذريل ڪجهھ ڏينهن اڳ سگا جي مرڪزي اڳواڻ پروفيسر بخش علي چانڊيو ۽ سگا ڦل جي عهديدارن صدر محمد خالد ميمڻ، استاد محمد سلطان ڦل، استاد غلام مرتضيٰ ڦل، پروفيسر رياض احمد چانڊيو ۽ ٻين ان تاريخي شھر لٻاڻا جي باقي بچيل مٽي جي دڙن جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ هن تاريخي ڪاروباري شھر جي تباهي تي ڏک جو اظھار ڪيو ۽ سنڌ حڪومت ۽ آرڪيالاجي کاتي کان مطالبو ڪيو ته هن تاريخي شھر جي مٽي جي دڙن جي کوٽائي ڪرائي ان تي ڪا تحقيق ڪرائي محفوظ ڪئي وڃي ۽ هن شھر جي نالي تي تقريبن ڏهن کان ويهھ ايڪڙ سرڪاري زمين هئي، ان تي ماڻھن قبضا ڪيا آھن اهي ختم ڪرايا وڃن ۽ باقي بچيل مٽيءَ جي دڙن مان مٽي کڻندڙن کي روڪي هن شھر کي تاريخي ورثو قرار ڏئي محفوظ ڪيو وڃي، هاڻي ڏسو ته هن تاريخي ۽ وڻج واپار جي لحاظ کان مشھور شھر جي ورثي جي حفاظت ڪير ٿو ڪري، ڇوته جيڪي قومون پنهنجي ماضي ۽ تاريخي ورثي کي محفوظ نه ٿيون بڻائين اهي خود ميسارجي تاريخ جو هڪ بند باب بڻجي وڃن ٿيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو