229

آمريڪي صدر جوبائيڊن ۽ دنيا جون اميدون….

ليکڪ: طفيل مگسي

جنوري 2021ع ۾ آمريڪا ۾ سڀ کان وڏي سياسي تبديلي آئي يعني شڪست کاڌل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي”وائيٽ ھائوس“ کان موڪلاڻي ٿي ۽ نئين چونڊيل صدر جوبائيڊن ”وائيٽ ھائوس“۾ قدم رکيو. ڊونلڊ ٽرمپ جنهن چئن سالن تائين آمريڪا جي صدر جي عهدي جي ذميواري سنڀالي۽ چئن سالن کان ئي کيس کي ”وائيٽ ھائوس“کان موڪلائڻو پيو، آمريڪا ۾ ھر چئن سالن کان پوءِ صدراتي چونڊون ٿينديون آھن ۽ ڪوبه صرف ٻه ڀيرا صدارت جو عهدو سنڀالي سگهي ٿو، ان کان پوءِ اھو صدارتي چونڊن ۾ حصو نٿو وٺي سگهي ۽ کيس سياست تان ”رٽائرمينٽ“وٺڻي پوندي آھي، اڪثر آمريڪي صدر مسلسل ٻه ڀيرا چونڊبا آھن ۽ مسلسل اٺن سالن تائين آمريڪا جي واڳ سنڀاليندا آھن، پر نهايت گهٽ اهڙا آمريڪي صدر ٿي گذريا آھن، جن کي چئن سالن کانپوءِ صدارتي چونڊن ۾ شڪست ڏسڻي پوندي آھي ۽ ڊونلڊ ٽرمپ انهن منجهان هڪ آھي، اقتدار کان بيدخل ٿيڻ واري صدر ٽرمپ جي هڪ خاص ڳالھه اها هئي ته هن نئين صدر جوبائيڊن جي حلف برادري واري تقريب ۾ شرڪت نه ڪئي ۽ ائين ڪرڻ وارو اهو صرف ٻيون آمريڪي صدر آھي، ان کان اڳ آمريڪي تاريخ ۾ صرف هڪ صدر ائين ڪيو هو ۽ اهو به ڪافي گهڻو اڳ ڊونلڊ ٽرمپ جيان چار سال آمريڪا ۾ ڪم ڪيو، انهن ڪمن سبب سندس شخصيت هڪ سختگير واري بڻجي وئي ۽ شايد سندس شڪست جو به اهوئي سبب هجي، جڏھن ته سندس مقابلي ۾ جوبائيڊن پنهنجو پاڻ کي ”سيڪيولر“ جو روپ ڏنو آھي ۽ ھن ان سلسلي ۾ ھڪ هندستاني نسل واري کي”نائب صدر“ بڻايو آھي، انهيءَ ڪري جوبائيڊن جي صدر بڻجڻ سان سيڪيولر طبقي ۾ خوشي ۽ اطمينان ڇانئجي ويو ۽ ڪيترن ماڻھن ان کان سٺيون اميدون رکي ورتيون، جن ۾ مسلمان به شامل آھن ۽ اهي ائين سمجهي رهيا آھن ته جوبائيڊن انهن جون سموريون مشڪلاتون حل ڪري ڇڏيندو ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن جي خلاف جيڪا پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي سڀ نئون آمريڪي صدر ختم ڪري ڇڏيندو.ان جو هڪ سبب شايد اهو به ٿي سگهي ٿو ته جوبائيڊن پنهنجي تقرير ۾ هڪ حديث جو ذڪر ڪيو هو ۽ گڏ ئي آمريڪا ۾ مسلمانن کي سهولتون ڏيڻ جو پڻ وعدو ڪيو هو. ڊونلڊ ثرمپ جي سخت موقف جو جيڪو جوبائيڊن کي فائدو ٿيو ۽ سيڪيولر طبقي ان کي الائي ڇا کان ڇا ٿي سمجهيو ۽ سندس تعريف ۾ زمين ۽ آسمان هڪ ڪري ڇڏيو، سڄي دنيا ۾ ھن بابت تبصرا ٿيڻ لڳا ته آمريڪي صدر جي تبديلي سان ڪٿي ڪهڙو فرق پوندو؟ آمريڪي حاڪمن پنهنجو پاڻ کي انڪل سام سمجهن ٿا ۽ اقوام متحده جي ذريعي دنيا جي هر علائقي ۾ پنهنجي عادت موجب ڄنگھه اڙائڻ فرض سمجهندا آھن، حيرت جي ڳالهھ اھا آھي ته سڄي دنيا جي اڪثر ملڪن به هن ڳالهھ کي تسليم ڪري ورتو آھي ته آمريڪا خدائي فوجدار آھي ۽ دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ پنهنجي فوج موڪلي سگهي ٿو ۽ واپس گهرائي سگهي ٿو. ڪنهن به ملڪ ۾ دخل اندازي ڪري سگهي ٿو، انهيءَ ڪري آمريڪي صدر جي تبديلي تي تبصرا ٿيڻ لڳا ۽ ٽرمپ جي خرابين ۽ جوبائيڊن جون خوبيون بيان ٿيڻ لڳيون ته جوبائيڊن جي اچڻ سان ئي دنيا تي خاص طور تي چين، ايران ۽ افغانستان تي ڪهڙو فرق پوندو؟ آمريڪي عوام سخت گيرکي رد ڪري ڇڏيو۽ سيڪيولر جي چونڊ ڪئي، پر حقيقت ۾ ان سان سڄي دنيا ۾ ڪو به فرق نه پوندو، ان جو سبب بڻيا، اسرائيلي يهودي آھن ڇاڪاڻ ته اهي سڄي آمريڪا تي قابض آھن، جيتوڻيڪ سڄي دنيا جي آبادي جو صرف ٻه سيڪڙو  سڀني کان وڌيڪ اقليت ۾ آھي، باوجود ان جي اهي نه صرف آمريڪا تي پر سڄي دنيا تي اهائي اقليت ڇانيل آھي، چاهي ميڊيا جو شعبو هجي يا معاشي يا سياسي، هر هنڌ انهيءَ جي ئي اجاره داري آھي ۽ انهيءَ سبب کان اهي ماڻھو سڄي دنيا تي اثرانداز ٿين ٿا، گذريل اٽڪل ستر (70) سالن کان اها يهودي اقليت دنيا جي سڀ کان وڏي سپر پاور آمريڪا جي مهار پنهنجي هٿ ۾ ڪري رکي آھي، آمريڪا جي هر شعبي ۾ انهيءَ يهوديت جو قبضو آھي ۽ اھي ماڻھو آمريڪي”ٿينڪ ٽينڪ“ آھن ۽ آمريڪا جا سمورا فيصلا انهيءَ جي مطابق ڪيا ويندا آھن، چاهي بارڪ اوباما هجي، ٽرمپ هجي يا نئون صدر جوبائيڊن ڇو نه هجي.ايستائين ته وچ اوڀر کان نڪرڻ واري تيل جو اگهه آمريڪا ڪندو آھي، پر يهودين جي چوڻ مطابق ڪو به سياسي ليڊر ڇو نه هجي ڪڏھن به پنهجو فيصلو ناهي ڪندو. هڪ ننڍڙو ڪارپوريٽر به جيڪڏھن ان اقليت جي حڪم جي خلاف پنهنجي مرضي سان ڪو فيصلو ڪري وٺي ٿو ۽ ان تي عمل ڪري وٺي ٿو.اها خبر کيس ناهي پوندي پر ان کي قسمين قسمين جي اسڪينڊلن ۾ ڦاسايو وڃي ٿو ۽ مڪمل طور تي بدنام ڪيو وڃي ٿو.سڄي آمريڪا ۾ اهائي ننڍڙي اقليت هيٺان مٿي سمورن ليڊرن کي ”اليڪشن فنڊ“ ميسر ڪندي آھي، جڏھن اليڪشن جو دور ايندو آھي ته جيڪو ڪارپوريٽ ان جي حڪم جي مطابق عمل نٿو ڪري ان کي اليڪشن فنڊ ناهي ڏنو ويندو ۽ سندس مخالف جي مدد ڪئي ويندي آھي ۽ ان ريت الڳ الڳ پارٽين کي الڳ الڳ طريقي سان هڪئي منصوبي تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي، سخت گير پارٽي به انهيءَ جي ايجنڊا تي ڪم ڪري ٿي ۽  سيڪيولر  پارٽي به انهيءَ “اقليت“ جي حڪم جي مطابق ڪم ڪندي آھي. آمريڪا ۾ صدر جي تبديلي سان نه ته آمريڪا تي ڪو فرق پوندو ۽ نه ئي سڄي دنيا تي ڪو فرق پوندو.موڪلائڻ وارو صدر ڊونلڊ ٽرمپ به انهي ”ننڍڙي اقليت“ جي حڪم جو غلام هو ۽ جوبائيڊن به، انهيءَ ”ننڍڙي اقليت“ جي حڪم جي مطابق ڪم ڪندو، دنيا جي اها ”سڀ کان ننڍڙي اقليت“نهايت ڊگهي منصوبابندي ڪندي آھي ۽ جڏھن ان منصوبي جي خلاف ڪو به آمريڪي ليڊر وڃي ٿو ته ان کي هٽائي ڪري ٻئي اهڙي شخص کي وٺي اچي ٿو. جيڪي ٽرمپ ڪري رهيو هو.بس فرق صرف ايترو ٿيندو ته ٽرمپ کليل نموني ڪري رهيو هو ۽ جو بائيڊن ڳجهه ڳوهه ۾ ڪندو، ٻين ماڻھن کي فرق پوي نه پوي پر مسلمانن ۽ ٽين دنيا جي مظلوم قومن ۽ ملڪن تي ان جو ضرور فرق پوندو، ڇاڪاڻ ته آمريڪا ۾ ڀلي ڪهڙو به صدر چونڊجي ڇو نه اچي پر حڪم اسرائيل جو ئي هلندو ۽ اهو اسرائيل جيئن اڳ ۾ پنهنجو ڪم ڏيکاريندو رهيو آھي، مستقبل ۾ به ساڳيا ڪم جاري رکندو، جڏھن ته جوبائيڊن اسرائيل جي ڪٺ پتلي ئي رهندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو