ايڊيٽوريل
آزادي هر فرد چاهي عورت هجي يا مرد جو بنيادي حق آهي، پنهنجي مرضي سان جيئڻ جو حق هر فرد کي هجڻ گهرجي، عورت به انسان آهي، اها به سماجي ضابطن تحت آزادي لهڻي ٿي، عورت کي تعليم، صحت ۽ ملڪيت ۾ برابري جا حق حاصل هجڻ گهرجن، عورت ۽ مرد زندگي جي گاڏي جا 2 اهم ڦيٿا آهن، اڻبرابري ۽ ناانصافي هميشه مسئلن، مونجهارن، ڇڪتاڻ ۽ ڇڙواڳي کي جنم ڏنو آهي، جنهن معاشري ۾ انصاف ناپيد ٿي ويندو آهي ۽ طاقت جي بنياد تي وڏ ننڍائي ماپي ويندي آهي، اتي بگاڙ جنم وٺندو آهي، جيڪو سماج لاءِ ڪنهن به صورت ۾ فائديمند نه آهي، پدرشاهي نظام ۾ عورتون هميشه استحصال جو شڪار رهيون آهن، استحصال، جنسي هجي توڙي معاشي، سماجي يا ثقافتي اهو قابل قبول نه آهي، سنڌي سماج ۾ عورت کي تمام گهڻي مان، مرتبو ۽ عزت ڏني وئي آهي، سنڌ جي ٻهراڙي جي عورت اڄ به مرد سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي کيت کيڙي ٿي، ٻهراڙي جي عورت مرد جي ڏک سک جي ساٿياڻي آهي، جتي عورت کي ڍور پالڻ سميت ننڍا روزگار ڪرڻ جي آزادي حاصل آهي، عورتون گهر ۽ خاندان اندر فيصلن ۾ نه رڳو حصو وٺندي پر انهن جي راءِ اهميت ڏني وڃي ٿي، ٻهراڙي جي عورت کي مليل اهي حق مڪمل نه آهن، پر ان کي مڪمل طور غلام نٿو چئي سگهجي، ٻهراڙي جي عورت توڙي شهر جي عورتن کي برابري جا حق ڏيارڻ لاءِ اثرائتا ۽ وقتائتا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، سهپ، برابري ۽ تعليم جي کوٽ سبب سنڌي سماج به بگاڙ طرف وڌي رهيو آهي جيڪو الميو آهي، عورتن سان زيادتي، سڱ چٽي ۾ ڏيڻ، برادري جي جهيڙن ۾ عورتن جو قتل عام، ٻارڙين سان زيادتين جا واقعا سماج لاءِ ناسور بڻجي رهيا آهن، اڄ سڄي دنيا سنڌ ۾ به عورتن جي آزادي جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، گذريل ڏينهن جنهن وقت عورت آزادي مارچ جي حوالي سان سڄي سنڌ ۾ جاڳرتا مهم جو سلسلو جاري هو ۽ ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ عورت اڳواڻ آزاديءَ جا نعرا هڻي رهيون هيون، ان وقت سنڌ ۾ 2 عورتون ڪارنهن جي بلي چڙهي ويون، جيڪب آباد جي ڳوٺ علي مراد چانڊيو ۾ ڪٺور مڙس 23 ورهين جي نوجوان زال بختاور کي ڪارنهن تهمت ڏئي گولين جو بک بڻائي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، ساڳي ئي وقت نوابشاهه جي تاج ڪالوني ۾ جوابدار اويس ڌاريجو پنهنجي 25 سالن جي وني اقرا کي ڪارنهن جي الزام هيٺ گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، معصوم اقرا ڌاريجو جون دانهون مرداڻي سماج جي ڪٺورتا ۾ گم ٿي ويون، ساڳي ئي نوابشاهه ۾ ناري کي بليڪ ميل ڪري زيادتي جو نشانو بڻائڻ ۽ اعتراض جوڳيون وڊيو ٺاهڻ جو واقعو رپورٽ ٿيو، سنڌ ۾ 2، 3 عورتن جي قتل ۽ زيادتين جا واقعا رپورٽ ٿيڻ هاڻ معمول بڻجي ويو آهي، عورتن جي تحفظ لاءِ ٺهيل قانونن تي عمل نه ٿيڻ، وڏيرڪي، سردارڪي ۽ ڀوتارڪي نظام جا چنبا وڌيڪ مضبوط هجڻ ۽ پوليس توڙي انتظاميا جي رٽ نه هجڻ ڪري معصوم عورتون موت جي واديءَ ۾ هليون وڃن ٿيون، صرف هڪ ڏينهن عورتن جي نالي تي ريليون ڪڍڻ توڙي وڏيون وڏيون تقريرون ڪرڻ سان معصوم حياتيون بچي نه سگهنديون، ان لاءِ مسلسل جدوجهد ڪرڻي پوندي ۽ ان جدوجهد ذريعي قانون جي رٽ ۽ عملداري يقيني بڻائڻي پوندي، حڪومتن ۽ لاڳاپيل ادارن تي اهو فرض بڻجي ٿو ته اهي هر شهري جيان عورتن جي تحفظ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻن ۽ واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي عبرت جو نشانو بڻايو وڃي ته جيئن اهڙن واقعن تي ضابطو آڻي عورت جي آزادي کي يقيني بڻائي سگهجي.