ليکڪ: ايڊووڪيٽ فاطمه هاليپوٽو
هر سال تي هي ڏينهن دنيا سميت اسان جي ملڪ ۾ به جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو آهي، هر سال هن ڏينهن تي هزارين سماجي توڙي سياسي تنظيمن جا وڏين هوٽلن ۽ اي سي رومن ۾ عورتن جي اهميت اجاڳر ڪرڻ واسطي ۽ انهن جي سماجي، سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي جدوجهد کي خراج پيش ڪرڻ جي لاءِ ڪانفرنسون، پروگرام، سيمينار ۽ جلسا به ٿيندا رهندا آهن، هر سال روڊن تي، شهرن جي چوراهن تي، وڏن پنڊالن ۾ ۽ پلي ڪارڊز ۽ بينرز ۾ عورت جي آزادي جا نعرا، اعلان ۽ هوڪرا ٻڌڻ ۾ ايندا رهندا آهن ۽ هر سال جي هر ڏينهن تي ملڪ جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ تي ڪا عورت پنهنجي آزادي ته پري جي ڳالهه پر پنهنجي زندگي جي جيئدان لاءِ ڪوششون ڪندي ظلمن جا سور نه سهندي موت جو کاڄ بڻجي ويندي آهي. اڄ به سال جي هر ڏينهن تي ڪا عورت، ڪا ڇوڪري ۽ ڪا ننڍڙي ٻارڙي سماج تي داڳ لڳل درندن کان پنهنجي عزت بچائيندي بچائيندي موت جي اگهور ننڊ ۾ سمهي ٿي پئي، اڄ به سال جي هر آئي ڏينهن اخبارن، ٽي وي چينلن ۽ سوشل مڊيا جي ذريعي معلوم ٿئي ٿو ته ڪٿي ڪا معصوم گلن جي ڪلي کي زمينن ۽ جائيدادن جي آڙ ۾ ڪاري جي لقب سان نوازي ان کي سنگسار ڪيو پيو وڃي.اڄ به سنڌ ۾ هر صبح جو اڀرندڙ سج ڪنهن گلاب جي گلن جي مسمار جا آلاپ کڻي اچي ٿو، اڄ به سال جي ڪا اهڙي صبح نه آهي جيڪا ماتم، سور، ڪيهون، دانهون ۽ آهُن ۾ مبتلا نه هجي، اڄ به هر ڏينهن ڪربلا جي ماتم جيان اسان جي سامهو اچي ٿو، جتي قهر برپا ٿين ٿا، هر ڏينهن معصوم ڪليون اجهامن ٿيون، هر ڏينهن معصومن عورتن ۽ ٻارڙن جا ڳوڙها رت بڻجي زمين کي دانهون ڏين ٿا. اڄ به سال جي هر ڏينهن انصاف جي آسري لکين نياڻيون، مائرون ۽ انهن جا پيئر ۽ ڀائر عدالتن جي درن ڏانهن ڏسي رهيا آهن، جن قانون ٺاهڻ جا ڪتاب ته وڏا لکي ڇڏيا آهن پر انصاف پري پري تائين نظر نٿو اچي، اڄ به سال جو هر ڏينهن عورتن جي لاءِ ڪنهن قهر کان گهٽ نه آهي. هڪ صدي کان مٿي هن ڏينهن کي پوري دنيا ملهائيندي آئي آهي، جڏهن دنيا ۾ پهريون ڀيرو 1909ع ۾ آمريڪا جي سوشلسٽ پارٽيءَ ۽ آمريڪا جي هڪ ڪپڙو ٺاهڻ واري فيڪٽري مان 15هزار محنت ڪندڙ عورتن گڏجي پنهنجي پگهار ۾ واڌ، ووٽ جو حق ڏيڻ ۽ ڪم جو وقت 8ڪلاڪ ڪرڻ لاءِ نيويارڪ شهر ۾ احتجاج ڪيو ته آمريڪا سميت پوري دنيا جون اکيون کلي ويون. جڏهن ته حڪمرانن پوليس جي زور تي احتجاج ڪندڙ عورتن تي تشدد ڪيو ۽ انهن کي وارن مان جهلي گهوڙن سان ٻڌي روڊن تي گهليو به ويو، پر ان سموري تشدد جي باوجود به عورتن هار نه مڃي ۽ پنهنجو احتجاج جاري رکيو ۽ ميدان تي بيٺيون رهيون، ان کانپوءِ پهريون ڀيرو آمريڪا جي سوشلسٽ پارٽيءَ 8فيبروري کي عورتن جي ڏينهن طور ملهائڻ شروع ڪيو. عورتن جي لازوال، شاندار ۽ مسلسل جدوجهد جي ڪري پهريون ڀيرو 1910ع ۾ ڪوپن هيگن ۾ عورتن جي پهرين عالمي ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ 17 ملڪن جي تقريبن هڪ سئو جي لڳ ڀڳ عورت اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان ئي ڪانفرنس ۾ عورتن تي ٿيندڙ جسماني، ذهني، سياسي ۽ سماجي تشدد جي خلاف 8 مارچ تي پوري دنيا ۾ عورتن جو عالمي ڏينهن طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ان ڏينهن تي انهن بهادر عورتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو، جن پنهنجي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي ۽ ان ڏينهن تي پوري دنيا جون سموريون تنظيمون عورتن جي سماجي، سياسي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ وچن ورجائينديون ۽ عورتن جي حقن جي حاصلات جي لاءِ جدوجهد کي تيز ڪنديون، گڏيل قومن جي اداري (UNO) پاران 1975ع کان عورتن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان پڻ ڪيو، هاڻي اچئون ٿا پنهنجي سماج ڏانهن جتي عورت جي آزادي هڪ سوال بڻيل آهي، جتي اڄ به عورت غلامي واري زندگي گهاري رهي آهي، جتي اڄ به عورت ڍورن جيان وڪرو ڪئي ٿي وڃي. جتي اڄ به عورت عصر کان ويندي رات جو دير تائين مسلسل ڪم ڪرڻ جي باوجود به گهربل عزت ۽ ويليو لاءِ واجهائيندي رهي ٿي. ٿورو سوچون ته ڇا! اسان جو موجوده سماج عورتن جي برابري ته پري جي ڳالهه آهي پر عورت کي انسان تصور ڪرڻ وارين گهرجن تي پورو لهي ٿو؟ ڇا! اسان جي سماج ۾ خاص طور سنڌ ۾ عورت کي اها آزادي ميسر آهي ته هو پنهنجي مرضي تي آئيندي جا فيصلا، پنهنجي زندگي گذارڻ جا ڍنگ ۽ پنهنجي رهڻي ڪرڻي جا فيصلا بهتر انداز ۾ پاڻ ڪري سگهي؟ ڇا! اسان وٽ اهڙو ماحول آهي جتي چار سالن جي ڪا مقدص آرائين، برمي ڪولهي، معصوم افشان شاهاڻي، بشريٰ راڄپر، مونيڪا لاڙڪ، ڪرن چنا، موري جي اشراه مڱڻهار، مرڪ ڪلهوڙو، ذڪيا هوت، سمبل ميمڻ، زارا منگي، رخسار وسطڙو، ياسمين ميمڻ، جميلا لاشاري، انيساسولنگي، دعا ولاسيو، مڪلي جي فرحانه ملاح، ڊاڪٽر نمرتا، تانيا خاصخيلي سميت اهڙيون هزارين ٻيون نياڻيون، انسانن جي روپ ۾ درندن کان بچي سگهن ٿيون؟ ڇا!اسان جو نياڻيون رات ته ڇڏيو پر ڏينهن جو آزادي سان ۽ بنا ڊپ ۽ خوف جي پنهنجي تعليم، نوڪري ۽ هنر جي لاءِ شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هلي گهمي سگهن ٿيون؟ وڏيون وڏيون دعوائون ڪندڙ اسان جا ادارا ايترا ڪمزور آهن جو اٽو، لٽو ۽ اجهو ته پري جي ڳالهه پر اسان جي ننگن جي عزت تان پڙدو کڻندڙن کي به نٿا روڪي سگهن؟ مٿين سوالن جا جواب مونکي چڱي نموني خبر آهن ته ڪنهن وٽ به موجود ناهن ڇو جو اسان اهڙي سماج ۾ رهون ٿا، جنهن جون واڳون پوڙهي جاگيردار جي هٿ ۾ آهن، جيستائين اسان سال جي هڪڙي ڏينهن سڀ گڏجي، وڏيون وڏيون تقريرون ۽ ڀاشن ڏئي وري پورو سال گهر ۾ ويهي پنهنجي ذاتي زندگي کي لڳي وينداسين تيستائين اهڙا درنده جنم وٺندا رهندا ۽ بنا ڊپ جي معصوم نياڻين جون لڄئون لٽيندا رهندا، ڇو جو ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن انسان آپي مان نڪري بگهيڙ وارو روپ ڌاري ٿو ته ان جو عمل به حوس بڻجي وڃي ٿو. عورت جي آزادي ڪا هڪڙي ڏينهن ۾ ملڻي ناهي ان لاءِ مسلسل جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي ان لاءِ اچو ته اڄ جي ڏينهن تي رڳو عورتون نه پر ترقي پسند سوچ رکندڙ مرد به اهو وچن ڪريون ته هڪ سگهارو آواز بڻجي عورت جي آزادي ۽ ان جي حقن واسطي هر گهڙي ميدان عمل ۾ رهنداسين ۽ هن سماج کي ڊاهي پرزا پرزا ڪري هڪ عاليشان سماج اڏيون جنهن ۾ عورت توڙي مرد فطرت جي قانون تحت هڪ آزاد انسان هجن، اهي ٻئي سماجي، سياسي ۽ ثقافتي طور برابر هجن، اهڙو سماج جنهن ۾ ڪا گلن جهڙي ننڍڙي ٻن سالن جي ٻار سان ريپ نه ٿيندو هجي، جتي اسان ۽ توهان جون نياڻيون پنهنجي تعليم پرائڻ لاءِ اسڪول اڪيلي وڃي ته ان کي خوف نه هجي ته رستي تي ڪو بگهڙ هُن کي کائڻ لاءِ موجود آهي.