237

براڊ شيٽ ڪميشن جي سربراهه کي سپريم ڪورٽ جي جج برابر پگهار ۽ مراعتون ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت براڊ شيٽ معاملي جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميشن جي سربراهه جسٽس (ر) شيخ عظمت سعيد کي سپريم ڪورٽ جي جج برابر پگهار ۽ مراعتون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. رپورٽن مطابق وفاقي حڪومت براڊ شيٽ معاملي جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميشن جي سربراهه جسٽس (ر) شيخ عظمت سعيد کي سپريم ڪورٽ جي جج برابر پگهار ۽ مراعتون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ڪابينا ڊويزن سمري وفاقي ڪابينا کي اماڻي ڇڏي آهي. سمري ۾ وفاقي ڪابينا کان جسٽس رٽائرڊ شيخ عظمت سعيد کي سپريم ڪورٽ جي جج برابر پگهار ۽ مراعتون ڏيڻ جي اجازت گهري وئي آهي. سمري ۾ چيو ويو آهي ته پهرين جوڙيل ڪميشنز جي سربراهي حاضر سروس آفيسر ڪندا هئا، ان لاءِ پگهارن ۽ مراعتن جو مسئلو نه ٿيو، قائدن مطابق رٽائرڊ جج يا آفيسر جي مقرري تي ان کي اڳوڻي پگهار ڏني ويندي آهي، ڪميشن پاران ڪو ٻيو ميمبر مقرر ڪيو ويو ته ان لاءِ به اهي ئي اصول لاڳو ڪيا ويندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو