ڄامشورو (رپورٽ: حاڪم چانڊيو) 3 هفتا اڳ سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽل مان کنڀيل شاگرد عرفان جتوئي کي سکر ڀرسان پوليس مبينا مقابلي ۾ ماري ڇڏيو آهي. سکر جي جهانگرو ٿاڻي جي حد ۾ رات جو مقابلو ڄاڻائي ماريل نوجوان جي سڃاڻپ عرفان جتوئي طور ٿي آهي. 10 فيبروري تي سنڌ يونيورسٽي جي انٽرنيشنل هاسٽل مان کنڀي گم ڪيل شاگرد عرفان جتوئي کي پوليس روهڙي ڀرسان مبينا مقابلي ۾ ماري ڇڏيو. سنڌ يونيورسٽي ۾ آخري سال جي شاگرد عرفان جتوئي کي 10 فيبروري تي هاسٽل مان حيدرآباد ۽ ڄامشورو جي پوليس گڏيل ڪارروائي ڪندي ٻن دوستن سميت گرفتار ڪيو هو. اهڙي گرفتاري خلاف شاگرد عرفان جتوئي جي وارثن پاران سيشن ڪورٽ ڄامشورو ۾11 فيبروري تي پٽيشن داخل ڪرائي وئي هئي، پٽيشن تي عدالت ايس ايس پي ڄامشورو، ايس ايڇ او ڪوٽڙي ۽ سي آءِ اي انچارج ڄامشوري کي 18 فيبروري تي طلب ڪيو هو، 18 فيبروري تي ٿيل ٻڌڻي دوران ڄامشورو پوليس سندس گرفتاري کان لاعلمي جو اظهار ڪيو هو، جڏهن ته سکر جي عدالت ۾ به شاگرد عرفان جتوئي جي گرفتاري خلاف ڪيس هلندڙ هو، پوليس جي مبينا مقابلي کانپوءِ ڪيس جي وڪيلن سندس لاش جي سڃاڻپ ڪري ڇڏي. عرفان جتوئي ڊکڻ لڳ ڳوٺ روشن خروس جو رهواسي هو. شاگردن جي وارثن الزام مڙهيو آهي ته سکر پوليس شاگرد جي آزادي لاءِ ٽن هفتن کان رشوت گهري رهي هئي، انڪار ڪرڻ تي جڙتو مقابلو ڄاڻائي کيس ماريو ويو آهي.
