164

سينيٽ چيئرمين لاءِ يوسف رضا گيلاني ۽ صادق سنجراڻي و چ ۾ سخت مقابلو، ڊپٽي چيئرمين لاءِ مرزا محمد آفريدي ۽ عبدالغفور حيدري آمهون سامهون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي وڏي ايوان سينيٽ ۾ اڄ وڏو دنگل ٿي رهيو آهي، سينيٽ چيئرمين لاءِ پي ڊي ايم اميدوار يوسف رضا گيلاني ۽ حڪومتي اميدوار صادق سنجراڻي وچ ۾ چوٽيءَ جي مقابلي جا امڪان آهن. جڏهن ته ڊپٽي چيئرمين لاءِ پي ٽي آءِ اميدوار مرزا محمد آفريدي ۽ پي ڊي ايم جو عبدالغفور حيدري آمهون سامهون آهن. ايوان ۾ مخالف ڌر جا 51 ۽ حڪومتي اتحاد وٽ 47 ميمبر آهن، جي ڊي او جو مظفر شاهه اڄ رٿيل سينيٽ اجلاس دوران پرزائيڊنگ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي. حڪومتي اميدوار صادق سنجراڻي ۽ مرزا محمد آفريدي، جڏهن ته پي ڊي ايم جي گڏيل اميدوارن يوسف رضاگيلاني ۽ عبدالغفور حيدري نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. منجهند 3 وڳي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين لاءِ ووٽنگ ٿيندي، چيئرمين چونڊجڻ کانپوءِ پرزائيڊنگ آفيسر نئين چيئرمين کان حلف کڻائيندو، چيئرمين حلف کڻڻ کانپوءِ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ڪرائيندو، جنهن کانپوءِ چيئرمين نئين چونڊيل ڊپٽي چيئرمين کان حلف کڻائيندو. سينيٽ رولز مطابق ٻنهي اميدوارن وچ ۾ مقابلي جي صورت ۾ هڪ اميدوار کي ايوان جي ميمبرن جي مجموعي انگ جي اڪثريت يعني گهٽ ۾ گهٽ 51 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪرڻا پوندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو