140

ملڪ ۾ ڪورونا جا ڪلور جاري، وڌيڪ 54 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، 2701 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جا ڪلور جاري آهن، وائرس سبب وڌيڪ 54 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 2701 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2701 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، سڄي ملڪ ۾ هن وقت تائين 94 لک 2 هزار 639 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 41 هزار 133 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا، هن وقت تائين 5 لک 68 هزار 65 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هڪ هزار 709 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پاڪستان ۾ ڪووڊ – 19 سبب هڪ ڏينهن ۾ 54 ماڻهو فوت ٿيا، ڪورونا وائرس وبا سبب هن وقت تائين پنجاب ۾ 5 هزار 698، سنڌ ۾ 4 هزار 452، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 138، اسلام آباد ۾ 520، بلوچستان ۾ 202، گلگت بلتستان ۾ 103 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 317 مريض فوت ٿيا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو