179

ن ليگي ايم پي اي وارث ڪلو ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو

خوشاب (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جو پنجاب اسيمبلي ميمبر وارث ڪلو ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو آهي. وارث ڪلو جي گهر ڀاتين سندس موت جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته هو ڪورونا وائرس سبب ڪيترن ئي ڏينهن کان لاهور جي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. وارث ڪلو مسلسل چوٿون ڀيرو ايم پي اي چونڊيو ويو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو