لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته صدارتي آرڊيننس رديءَ جو ٽڪڙو بڻجي ويو ته ڳجهين ڪئميرائن وارا مستري کڻي آيا. ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جو وڌيڪ چوڻ هو ته عادي، سند يافتا ووٽ چور هر ڀيري ووٽ چوري جو نئون طريقو ڳولهي اچي ٿو پر پڪڙجي پوي ٿو، هاڻي حالت ايتري خراب ٿي چڪي آهي جو ايجنسين کان فون ڪرائي، گن پوائنٽ تي ووٽ وٺڻ سان به ڳالهه نه ٺهي ته ڪئميرائون لڳرائي پنهنجي ئي ميمبرن جي کيس جاسوسي ڪرڻي پئجي وئي. مريم نواز چيو ته آئين ۾ ڳجهي ووٽنگ جو ذڪر آهي ڳجهين ڪئميرائن جو نه، صدارتي آرڊيننس رديءَ جو ٽڪڙو بڻجي ويو ته ڳجهين ڪئميرائن وارا مستري کڻي آيا، ووٽ چورو شرم ڪريو ۽ ڪرسي ڇڏيو. هن چيو ته پارليامينٽ ۽ مخالف ڌر جي ووٽ چورن کي اين آر او ڏيڻ جي انڪار کانپوءِ، اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ جي ڪلهي تي بندوق رکي هلائڻ ۾ ناڪامي ملڻ کانپوءِ ڳجهين ڪئميرائن ذريعي آئين جي توهين هڪ سنگين ڏوهه آهي، سليڪٽر به سوچيندا هوندا ته ڪهڙي مصيبت ڳچيءَ ۾ پئجي وئي.
190