ليکڪ: مظهرخاصخيلي
12 مارچ تي سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن رکيل آهي. جنهن ۾ حصو وٺڻ لاءِ مخالف ڌر جي پارٽين پاران ٺهيل پي ڊي ايم جي اتحاد جو گڏيل اميد وار اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي مقرر ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف حڪومت ۽ سندس اتحادين پاران موجودهه سينٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي ٻيهر اميد وار مقرر ڪرڻ کان پوءِ سينيٽ چيئرمين جي اميدوارن ۾ مقابلو دلچسپ ٿي ويو آهي. ظاهري طور تي مخالف ڌر وٽ سينيٽ اندر پوزيشن جماعت اسلامي جي 1 سينيٽر سميت 51 ميمبرن جو انگ آهي. جن مان هڪ سينيٽر ملڪ کان ٻاهر آهي. باقي مخالف ڌر وٽ 50 ميمبر بچن ٿا ۽ حڪومتي ڌر وٽ سمورن اتحادين سميت 48 سينيٽ ميمبرن جو انگ آهي . ان لاءِ سينيٽ چيئرمين جي ڪرسي تي ظاهري طور سوڀ يوسف رضا گيلاني جي نظر اچي رهي آهي. پر حڪومتي جماعت جا سمور وزيرميڊيا تي اچي بار بار اهو چون ٿا ته ايندڙ سينيٽ جو چيئرمين صادق سنجراڻي ٿيندو، جنهن کي کٽائڻ لاءِ اسان کي 3 سينيٽ جا ووٽ گهرجن، جيڪو انگ اسان وٽ پورو ٿي ويو آهي، 12 مارچ تي سموري قوم ڏسندي ته صادق سنجراڻي سينيٽ جو ٻيهر چيئرمين بڻجي ويندو، ٻئي طرف مخالف ڌر جي اتحاد پي ڊي ايم ۾ ويٺل پ پ ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته جهڙي نموني 3 مارچ تي يوسف گيلاني سوڀ ماڻي آهي، 12 مارچ تي به اهو سينيٽ جو چيئرمين بڻجي ويندو، جنهن کان پوءِ حڪومت جا وزير ٻيهر دانهون ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندا ڇو ته حڪومت مان پنهنجا سينيٽ جا ميمبر بيزار آهن ،ته اتحادي وري ڪيئن راضي هوندا، ان ڪري مٿي لکيل ڳالهيون جيڪي حڪومتي وزير ۽ مخالف ڌر جا اڳواڻ روز ميڊيا تي اچي ڪندا رهن ٿا اهي پنهنجي جاءِ تي پر ملڪ جي سياست مٿان نظرون رکيو ويٺل تجزئي نگارن جو چوڻ آهي. ته رڳي يوسف رضا گيلاني جي 3 مارچ تي سينيٽ جي ميمبر طور کٽي اچڻ واري ڳالهه ڪافي ناهي پر ڪجهه ٿورو جيڪڏهن ماضي کي ياد ڪري ڏسنداسين ۽ هتي موجوده سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي خلاف جيڪا پهرين آگسٽ 2020ع تي بي اعتمادي جي رٿ آندي وئي هئي، ان کي ڏسنداسين ته ان وقت مخالف ڌر جي پارٽين وٽ 67 ۽ حڪومتي ڌرجي اتحادين وٽ 36 سينيٽرن جو انگ هو جڏهن ته پارٽي پوزيشن جي حساب سان ان وقت مسلم ليگ (ن) وٽ 30 پ پ جا 21، جي يوآءِ ف 4، نيشنل پارٽي 5، پختونخوا ملي عوامي پارٽي 4، اي اين پي 1، جماعت اسلامي جي 2 ميمبرن سميت مخالف ڌر جو انگ 67 هو، ان هوندي به اها بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿي وئي هئي، ۽ صادق سنجراڻي جي حق ۾ 50 سينٽرن ووٽ ڏنو، 4 ووٽ خارج ٿي ويا ۽ 46 ووٽ مخالف ۾ پيا هئا، هن وقت ملڪ اندر جيڪو سياسي ماحول جڙيل آهي ان ۾ اڪثريت غير سياسي ماڻهن جي ڀرتي ٿيل آهي جيڪي فيصلا پردي جي پويان ويٺل ڌرين جي اشاري تي ڪري رهيا آهن .ان ڪري ڪجهه دوستن کي ڏندين آڱريون نه ڏيڻ گهرجن، هتي سدائين ظاهر ڏسڻ جي لاءِ هڪڙو منظر آهي. ۽ پردي جي پويان وري ٻيو ڪجهه ٿيندو آهي، اهڙي طرح وري ڏسجي ته 3 مارچ تي اسلام آباد جي جنرل سينيٽ جي سيٽ تي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ حفيظ شيخ جي وچ ۾ مقابلو ٿيوهو ان جا نتيجا به عجيب سامهون آيا ڇو ته قومي اسيمبلي اندر تحريڪ انصاف ۽ سندس اتحادين وٽ 180 ميمبر آهن ۽ مخالف ڌر وٽ 160 ميمبر آهن حڪومت اڪثريت هوندي به موجودهه وفاقي ناڻي کاتي واري صلاحڪار حفيظ شيخ کي کٽرائي نه سگهي ۽ يوسف رضا گيلاني سينيٽ جو ميمبر چونڊجي ويو ان ڪري 12 مارچ تي ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، ڀلي مخالف جماعتن وٽ اڪثريت هجي، پر عمران خان سان پردي پٺيان طاقتور موجود آهن، ان ڪري موجوده وزيراعظم عمران خان موجودهه سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي ٻيهر سينيٽ جو چيئرمين بڻائڻ لاءِ اميد وار مقرر ڪيو آهي، ان ڪري ڏسجي ته مخالف ڌر جي اتحاد پي ڊي ايم ۾ ويٺل اڳوڻو صدر آصف علي زرداري پنهنجي پاران سينيٽ جو ميمبر بڻايل اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ جو چيئرمين بڻائڻ جي لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي جوڙي ٿو، اهو سڀ ڪجهه 12 مارچ تي ٿيندڙ سينيٽ چيئرمين واري اليڪشن ۾ ظاهر ٿي پوندو ان ڪري ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.