ليکڪ: غلام فريد هاليپوٽو
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو عورتن جي عالمي ڏهاڙي جو مقصد عورتن کي سماجي آزادي ۽ برابري وارا حق ڏيڻ آهي هن وقت دنيا گلوبل وليج بڻجي وئي آهي ۽ سڌريل ملڪن ۾ عورتون آزاد آهن ۽ مردن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي زندگي بسر ڪري رهيون آهن ان جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ عورت اڄ به سماجي ريتن رسمن جي ٻنڌڻن ۾ قيد آهي خاص طور تي سنڌ ۾ عورت کي گهر جي ڪم ڪار جي مشين سمجهيو ويندو آهي، سنڌ ۾ عورتون سخت پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن مرداڻي سماج ۾ عورتن کي ڪنهن به قسم جي آزادي ناهي سنڌ ۾ عورتن سان جيترا ظلم ٿين ٿا ايترا شايد دنيا ۾ ڪٿي به نه ٿيندا هجن، عورت هميشه ڪڌين ريتن رسمن جي اڏي تي قربان ٿيندي رهي آهي، سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم تحت روزانو ڪيتريون عورتون قتل ڪيون وڃن ٿيون عورت اسان جي مرداڻي سماج ۾ ڪنهن به صورت ۾ آزاد ناهي، جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ ٻهراڙي جون اڪثر عورتون مردن جون غلام بڻيل آهن دقيانوسي ۽ جاهلاڻين رسمن سبب عورتن جا حق غضب ٿي رهيا آهن عورتن سان ناانصافين سبب اهي احساس محرومي جو شڪار آهن حقيقت ۾ ڏٺو وڃي تو عورت ئي ڪائنات آهي، عورت حساس هجڻ سبب ان جي دل ۾ سماج ۾ تبديلي آڻڻ جو احساس هوندو آهي پر مرداڻي سماج ۾ مجبوري سبب هوءَ ڪجهھ به نٿي ڪري سگهي جيڪڏهن عورتن کي بااختيار بڻايو وڃي ۽ انهن کي آزاد زندگي گذارڻ جو حق ڏنو وڃي ته سماج ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي اڪري چودڳي ڀرسان گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول محمد خان شر ۾ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو عالمي ڏينهن جي حوالي سان هڪ تقريب ٿي گذري جتي اسڪول جي هيڊ ماستر آفتاب راڄپر ، استاد شفيع محمد لاشاري، غلام شبير ناريجو، معشوق هيسباڻي، غلام تقي شاهه، عثمان خان شر شاگردياڻين رابعه، فاطمه ، نفيسه، سميرا، صائمه شوڪت، سجيده چانڊيو، علي نواز، منصور، سليم الله ۽ ٻين چيو ته هن ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌي سماج اندر ڏينهون ڏينهن عورتن جي حوالي سان حالت بدتر ٿيندي پئي وڃي. دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ عورت پنهنجي منزل ماڻڻ ۾ ڪامياب وئي آهي ۽ کيس مڪمل آزادي سان گڏوگڏ مردن جيترا حق به مليا آهن. پر هتي هن ملڪ جي اڌ آبادي عورتون آهن، جنهن جي تقريبن ڳپل حصي کي اُڀ سان ڳالهيون ڪندڙ حويلين، وڏن ڪوٽن ۽ چوديوارين ۾ بند ڪري رڳو ماني ٻوڙ پچائڻ، ٻار پيدا ڪرڻ ۽ کين پالڻ ۽ گھريلو ڪم ڪار جي ڌنڌي ۾ جنبائي سندن جون صلاحيتين ۽ خوابن کي ختم ڪيو وڃي ٿو، هنن چيو ته هن سماج ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ عورت ڪيترين ئي اذيتن کي ڀوڳي ٿي. عورت کي هڪ وکر سمجهي مرد پنهنجي مفاد لاءِ استعمال ڪري ٿو. ڪڏهن هوءَ سدائين گھريلو تشدد جو شڪارآهي ته ڪڏهن کيس ٺلها ڪوڙا الزام هڻي ڪاري ڪري ماريو وڃي ٿو، ته ڪٿي زوري مذهب مٽرايو وڃي ٿو غيرت بچائڻ لاءِ قتل ڪيون وڃن ٿيون. انهن واقعن ۾ هر ايندڙ ڏينهن تيزي ايندي ٿي وڃي. اهڙن واقعن جو رڪارڊ سالياني بنياد تي هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان وٽ محفوظ آهي، جنهن جي هر سال واري رپورٽ پڙهي ڏسندئو ته توهان کي حيران ڪندڙ انگ ملندا ته ڪيتري وڏي انگ ۾ هر سال عورتون قتل ٿين ٿيون، هنن چيو ته عورتن جي تحفظ بابت نئون موثر بل نه صرف پاس ڪرايو وڃي پر ان تي 100 سيڪڙو عملداري به ڪرائي وڃي ته جيئن کين اهڙو پر امن ماحول ڏنو وڃي جنهن ۾ هو نه صرف محفوظ رهي سگهن، هنن وڌيڪ چيو ته اسلام ۾ عورتن کي برابري جا حق مليل آهن پر انساني قانونن ۽ مرداڻي حاڪميت سبب عورتن کي پنهنجي حقن کان محروم ڪيو ويو آهي اڄ جي عورت مال چارڻ، گاھه، لاباري ايتري تائين جو وڻن تي چڙهي لام لاهڻ کان وٺي هر قسم جي محنت مشقت ڪري پنهنجي خاندان جي ڀرجهلائو بڻيل آهي، پر ان هوندي به عورت کي معاشري توڙي گهرن ۾ سندس جائز مقام نه پيو ڏنو وڃي، گهر جي مسئلن معاملن ۾ گهر ۾ موجود سڀني عورتن سان صلاح مشورو ڪيو وڃي، سندن جائز ڳالهيون ٻڌيون وڃن، نياڻين کي تعليم سان گڏ جتي سندن رشتو ڪيو وڃي، سندس رضامندي جي باري هڪ دفعو پڇي تسلي ڪئي وڃي، بس اسان کي ايتري آزادي کپي جو اسان سان اسان جا مرد اسان جا ٻانهن ٻيلي بنجي اسان جي ڏک سک ۾ گڏ هجن.