ليکڪ: الطاف ابڙو
سنڌ جو نالو کڻڻ سان ئي هزارين ڏک، درد ۽ تڪليفون رڳن ۾ ڊوڙي وڃن ٿيون ۽ اهڙي صورتحال ۾ اکيون به شعور جي نظر پيدا نه ٿيون ڪري سگهن، اسين اهڙي ماحول ۾ چڪر ڪاٽي رهيا آهيون، جنهن جي نه منزل خبر آهي ۽ نه ئي راهن ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن جي، ها بس خبر آهي ته صرف اها ته اسان اها قوم آهيون جنهن جي نياڻين جا پير ۽ هٿ به پردن جي اوٽ ۾ معصوميت ڏيکاريندا رهن ٿا، هن سرزمين هميشه اسان کي عزت ڀري زندگي گذارڻ جون واٽون ڏسيون آهن، اسان جون ثقافتون، رسمون ۽ رواج دنيا جي ٻين سماجن کان ڪافي امر آهن پر ان جي باوجود به اسين صدين کان جنهن جهالت جي درياهه ۾ لڙهي رهيا آهيون، ان مان ٻاهر نڪرڻ نٿا چاهيون، سوال اهو آهي ته ڇا اسين شعوري طور تي ڪمزور آهيون يا وري اسان جي تربيت ڪمزور آهي؟ افسوس جو اسين اهڙي معاشري جي لڪيرن ۾ وڪوڙجي ويا آهيون، جتي غفلت جي بادشاهي قائم ٿيل آهي، سنڌ ۾ 19 هين صديءَ کانپوءِ ڪاروڪاري جي الزامن هيٺ سوين نوجوان ۽ نياڻيون قتل ٿي چڪيون آهن، ڄڻ ته هيءَ زمين اسان جي نوجوانن جو ڪوس گهر هجي، غيرت جي نالي تي هر روز ننڍن وڏن ڳوٺن، جهر جهنگ ۽ شهرن ۾ نياڻين جو قتل عام ٿي رهيو آهي، بلڪل ائين نوجوان ۽ نياڻيون قتل ٿين ٿا، جيئن ڪو لوهار کي ڳاري ان جي شڪل مٽائي ڇڏيندو آهي.ڏکوئيندڙ ڳالهه اها آهي ته اڳ ڪنوارين نارين کي ڪارو قرار ڏئي وڏيرڪي نظام تحت پنچائتون هلائي کين قتل ڪيو ويندو هو پر هاڻي ته چار، پنج ۽ ست ٻارڙن جي جيجل مائرن تي به تهمتون لڳائي کين قتل ڪيو پيو وڃي، هر ٻئي ڏينهن تي اسان وٽ معصوم نياڻين توڙي ٻارڙن سان ڏاڍائين جا واقعا اخبارن ۽ چئنلن جي زينت بڻجن ٿا، هاڻ ته ائين ٿو لڳي ته اهي به اسان جي عام معمول واري زندگي جو ڄڻ ته روز جو ڪو معمول ٿي ويا آهن، ڄڻ اهو به ڪو ڪم هجي جيڪو سماج ڪرڻ کي نٿو وساري، اهڙا ٻارڙا جن جي عمر رانديڪن ۽ گڏين سان کيڏڻ واري آهي، اهي درندگي جي ور چڙهيو وڃن، بيشڪ سوشل ميڊيا جو دور اچڻ سان روز ڪيترن ئي گهرن جون نياڻيون پيار جا پرڻا ڪرڻ لاءِ نڪري رهيون آهن پر پيار جو رشتو ته قدرت طرفان ئي جوڙيو ويندو آهي، ڪٿي نياڻيون معصوميت ۾ اهڙا قدم کڻنديون آهن جن کي سهي ۽ غلط جي پرک نه هوندي آهي ته ڪٿي وري نياڻيون سڀ ڪجهه سوچڻ بعد اهڙا قدم کڻنديون آهن پر جيڪي به گهرن مان نڪرنديون آهن اهي ڪنديون ته شادي ئي آهن نه، پوءِ انهن کي ائين ڇو چيڀاٽيو ويندو آهي، انهن کي ائين ڇو وڍيو ويندو آهي جيئن ڪو واڍو وڻ وڍيندو آهي، بيشڪ سماج ۾ نياڻين پاران اهڙا قدم کڻي موت کي دعوت ڏني پئي وڃي پر جيڪي انهن کي ڪارو ڪاري ڪري قتل ڪري رهيا آهيون، انهن کي به سوچڻ گهرجي ته غلطي کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪهڙي هوندي آهي؟ ڇا نياڻي ۽ نوجوان جي قتل سان انهن جي عزت واپس اچي ويندي؟ يا وري انهن کي قبول ڪري عزت واري زندگي ڏيڻ ۾ ئي سندس عزت آهي. باقي انهن کي رت ۾ ريٽو ڪري سماج ۾ پنهنجي ڪوڙي عزت بچائڻ وارا جيڪڏهن سوچين ٿا ته سندن عزت بچي ٿي وڃي ته اهي غلط آهن، ڇو ته اهڙي عمل کانپوءِ انهن مٿان بيغرتي جو ٺپو اڃا وڌيڪ مضبوطي سان لڳي ٿو، آئون سمجهان ٿو ته ان سڄي عمل ۾ جتي تربيت جي کوٽ آهي اتي سماجي تاڃيءَ پيٽو اهم مسئلو آهي، ڇو ته اسان نياڻين کي به ڍورن وانگر رکندا آهيون، مرضي سان جنهن جي حوالي ڪرڻو آهي، ڪري ڇڏيندا آهيون، هن ايڊوانسڊ دور ۾ به نياڻي کان سندس مرضي ۽ خواهش نه آهيون پڇندا، اسان اڃا به ذاتين، قبيلن جا غلام بڻيل آهيون، اسان پنهنجي لاءِ جيڪو چاهيندا آهيون، اهو پنهنجي نياڻي لاءِ نٿا چاهيون ۽ افسوس ان ڳالهه جو آهي ته سماج جا پڙهيا لکيا ماڻهو به پنهنجين نياڻين کي اها عزت نٿا ڏين، اسان جي غفلتن، عزت نه ڏيڻ ۽ نياڻين کي بي مانائتو ڪرڻ سبب اهڙا قدم کڄن ٿا. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته گند کي گند سان صاف ڪرڻ بدران سڀ کان پهريان پنهنجي ذهن جو گند صاف ڪيو وڃي، پنهنجي دل جي مير ڌوتي وڃي ۽ ان کانپوءِ اسان کي هڪ اهڙي روشن خيال معاشري جي ضرورت آهي جيڪو سڀني لاءِ ساهه کڻڻ جهڙو هجي. جنهن ۾ ڪا به گهٽ ۽ ٻوسٽ نه هجي، جنهن ۾ انساني سوچ تي پهرا نه هجن، جنهن ۾ اظهار جي نه صرف آزادي هجي پر راءِ جو احترام پڻ هجي، جيڪڏهن اسان اهڙو سماج جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته اسان دنيا تي حڪمراني ڪرڻ جهڙا ٿي وينداسين.