ليکڪ: رياض ابڙو
ڪير سمجهي يا نه پر سينيٽ جي هڪ سيٽ هارائڻ کانپوءِ حڪومت سخت صدمي ۾ تڪڙا ۽ اٻهرا قدم کڻي رهي آهي، اعتماد جي ووٽ جي آئيني ۽ قانوني گهرج هئي يا نه، اهو ته پوءِ جو بحث آهي، پر حڪمرانن تڪڙ ۾ جيڪي اعتماد جو ووٽ ورتو، ان سان سندن ئي مورال ڪريو آهي، هنن جي پنهنجي سيٽن جي نمائندگي ته ڪنهن چئلينج ئي نه ڪئي هئي ته پوءِ نيٺ تڪڙ ڇو ٿي؟ جڏهن 1993ع جي عام چونڊن ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو وٽ گهربل سيٽون نه هيون ۽ اتحادي سرڪار ٺهي هئي ان ڪري هن هڪ ڀاڱي ٽي جي حيثيت مڃائڻ لاءِ ايوان مان ووٽ ورتو هو ۽ ساڳي طرح ميان نواز شريف پڻ اعتماد جو ووٽ ورتو هو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 1973ع واري آئين ۾ مئي 1977ع ۾ ستين ترميم ڪري اها گنجائش رکي هئي ته وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ جيڪڏهن سمجهي ته هن جا پنهنجا وزير ئي هن تي اعتماد نٿا ڪن ته هو ايوان مان اعتماد جو ووٽ وٺي سگهي ٿو، پر موجوده وزيراعظم ان مرحلي ۾ لڳي ٿو ته تڪڙ ڪئي آهي، اهڙي تحريڪ جيڪڏهن مخالف ڌر وارا آڻين ها ۽ ان ۾ هو سوڀارو ٿئي ها ته شايد بهتر هو، هيءَ ته ون مين شو هو ۽ ان ڪار کانپوءِ هاڻ سڀ وزير خوش ٿي ويا ۽ لڳي ائين ٿو ته حڪومت ڄڻ ته ڪا ڪلنگي ڪيرائي آهي ۽ اعتماد جي ووٽ سان عوام جا سڀ سور ختم ٿي ويا آهن، مهانگائي جو نالو نشان نه آهي، اٽو، لٽو، اجهو، روزگار ۽ خوشحالي ملڪ ۾ پلٽي پئي آهي، سڀ پنهنجي فتح جا ترانا پيا ڳائين، پر ان حوالي سان ماهر چون ٿا ته آئين جي آرٽيڪل 91 جي ڪلاز 7 تحت وزيراعظم کي اعتماد جي ووٽ جي ڪا ضرورت نه هئي، يا وري اها ان صورت ۾ ٿي سگهي پئي ته صدر ۽ وزيراعظم جي وچ ۾ ڪا اڻبڻت هجي ها يا ضمني چونڊن جي ڪري سيٽون گهٽجن ها، بس هنن يارن ته رڳو هڪڙي سينيٽ جي سيٽ وڃائڻ تي وڏو هل ڪيو آهي ۽ حڪومت جي پٽڻي مان لڳي ٿو ته سڀاڻي جيڪڏهن هنن جي آڏو ٿورڙي به ڪا ڏکي صورتحال سامهون آئي ته ڇا هي عام اليڪشن جو اعلان ڪندا، مثال جيڪڏهن 12 مارچ تي سينيٽ جي چيئرمين لاءِ هنن جو انگ پورو نه ٿيو يا ڊپٽي چيئرمين سان هنن جا ماڻهو نه بيٺا ته پوءِ ڇا ٿيندو؟جيڪڏهن اعتماد جي ووٽ ۾ شو آف هينڊ نه هجي ها ته پوءِ ڇا ٿئي ها؟ 12 مارچ واري ڏينهن تي سينيٽ چونڊن لاءِ صادق سنجراڻي کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ حڪومت وڏي زور شور سان مهم هلائي رهي آهي، جيتوڻيڪ مخالف ڌر وٽ انگ پورو آهي، پر چوڻ وارا چون پيا ته قومي اسيمبلي ۾ جيئن يوسف رضا گيلاني کي مخالف ڌر جو ساٿ هو، ائين سينيٽ جي چونڊن ۾ شايد نه هجي ۽ هن ڀيري (ن) ليگ جا 4 کان 6 سينيٽر کيس شايد ووٽ نه ڏين، ان حوالي سان هڪ ٻه ته کليل نموني سامهون به آيا آهن، جڏهن ته ڏسڻو اهو آهي ته حڪومت جي سينيٽرن جي پوزيشن ڇا ٿي بيهي، ڇو ته گيلاني جي چونڊ کانپوءِ حڪومت پنهنجي هر سينيٽر تي پهرو ڏئي رهي آهي ۽ ووٽ بچائڻ لاءِ هٿ پير به هڻي رهي آهي، ان سڄي صورتحال ۾ مخالف ڌر جي ڪهڙي حڪمت عملي آهي ۽ سياسي جوڙ ٽوڙ جو بادشاهه آصف علي زرداري ڪهڙي طريقي سان اندروني طور تي حڪومت جا ووٽ ڪڍي سگهي ٿو، اهو ته امتحان آهي، قومي اسيمبلي ۾ سينيٽ جي سيٽ لاءِ يوسف رضا گيلاني جي سوڀ کانپوءِ اهي به ڳالهيون سامهون آيون ته نه رڳو حڪومت جا 20 کان 25 ميمبر ڦري ويا پر مخالف ڌر جي ڪجهه ميمبرن وري حفيظ شيخ کي ووٽ ڏنو هو، ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو پر سينيٽ چيئرمين واري چونڊ هن ڀيري ڏاڍي سخت ۽ مقابلي واري آهي ۽ سياسي مبصر چئي رهيا آهن ته جيئن قومي اسيمبلي ۾ اقليت اڪثريت کي هارايو، ائين ممڪن آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ يوسف رضا گيلاني ڪو سرپرائيز نه ڏئي سگهي، ڇو ته هن ڀيري ڌر ڌڻي به چونڊن ۾ هڪ ڌر وانگر بيٺل آهن، ظاهري طور تي ته اهي نظر نٿا اچن ۽ يوسف رضا گيلاني به انهن کي نيوٽرل چيو آهي، پر هن ڀيري لڳي ٿو ته اهي اهڙي طرح سان نيوٽرل نه هجن، بهرحال ڏسڻو پوندو ته 12 مارچ تي ڇا ٿو ٿئي؟ بهرحال اها به حقيقت آهي ته پي ٽي آءِ اندر به ڏڦيڙ ضرور آهي ۽ اهو سينيٽ جي چونڊن ۾ واضح طور تي ظاهر ٿي چڪو آهي ۽ اهو به چيو پيو وڃي ته حڪومت کي ٻاهران نه پر اندران ئي خطرو آهي، ڇو ته انهن جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن جا معاملا تمام گهڻا آهن ۽ پنجاب ۾ به تبديلي جا اشارا ۽ امڪان نظر اچي رهيا آهن، جنهن سان ممڪن آهي ته ڏکڻ پنجاب جا سينيٽر ناراض ٿين، جيتوڻيڪ حڪومت في الحال ان معاملي کي دٻائي ڇڏيو آهي، پر اهو دٻجڻ وارو آهي ڪونه، ڏسڻو اهو آهي ته ايندڙ مرحلن ۾ وزيراعظم پاران ورتل اعتماد وارو ووٽ هن کي ڪيترو اعتماد ڏياري ٿو ۽ جيڪي هن ڀيري ظاهري طور کيس ووٽ ڏئي ويا آهن، اهي مخالف ڌر جي رٿ وقت ڪيترو اعتماد ڪن ٿا.