ليکڪ: قاضي جاويد سنائي
اڄوڪي ڏينهن 27 رجب المرجب خالق ڪائنات پاڪ پروردگار جلشانه پنهنجي پياري محبوب مدني سرڪار صليٰ الله تعاليٰ عليه وسلم کي پاڻ وٽ مهمان ڪري گهرايو ۽ کيس پنهنجو ديدار ڪرايو، دنيا جي تخليق جو سبب بڻجندڙ هي اها عظيم هستي آهي جنهن جي باري ۾ خالق اڪبر پاڪ پروردگار جلشانه فرمايو ته قسم آ مونکي پنهنجي ربوبيت جو جيڪڏھن مان پنهنجي محبوب ڪريم صليٰ الله عليه وسلم کي پيدا نه ڪيان ها ته پنهنجو پاڻَکي به ظاهر نه ڪيا ها، معراج شريف نبي سائين صليٰ الله تعاليٰ عليه وسلم سان الله پاڪ جي محبت جو اعليٰ ترين مثال آهي، ان مان حضور صلي الله عليه وسلم جن جو اهو ڪمال قرب ظاهر ٿئي ٿو جيڪو مخلوق الاهي ۾ فقط پاڻ ڪريم صلي عليه وسلم کانسواءِ ڪنهن کي به حاصل نه آهي، نبوت جي ٻارهين سال حضور صلي الله عليه وسلم معراج سان نوازيا ويا، قرآن پاڪ به شاهدي ڏني آهي ته، ”پاڪ آهي اها ذات، جنهن پنهنجي ٻانهي کي راتو رات مسجد الحرام کان مسجد اقصيٰ تائين جو سفر طئي ڪرايو. (سوره بني اسرائيل) الله تعاليٰ قرآن ڪريم ۾ حضور صلي الله عليه وسلم سان تمام گهڻن جڳهن تي پنهنجي محبت ۽ قربت جون تمام گهڻيون فضيلتون بيان ڪيون آهن، پنهنجي حڪم کي حضور صلي الله عليه وسلم سان منسوب رکيو آهي. جيئن فرمايو ويو ته جنهن رسول صلي عليه وسلم جو حڪم مڃيو، بيشڪ ان الله تعاليٰ جو حڪم مڃيو. جيڪو به صلي الله تعاليٰ عليه وسلم جي اطاعت ڪندو، اهو ئي مطيع هوندو (سوره نساءِ) الله ۽ رسول صه جي اطاعت ڪريو، جيئن توهان تي رحم ڪيو وڃي (سوره آل عمران) الله ۽ رسول جي اطاعت ڪريو (سوره الانفال). سڀ کان پهريائين حضور جن جو نور مبارڪ پيدا ڪيو ۽ مقام محمود ۽ حوض ڪوثر عطا ٿيو. مطلب ته هر لحاظ کان حضور صلي الله عليه وسلم کي شان اوليت عطا ٿي. هن ڪائنات ۾ الله تعاليٰ جا انسانن جي مٿان تمام وڏا احسان ۽ انعام آهن. اهو رب تعاليٰ جو حسن عشق جو اعليٰ تعلق آهي جو ان پنهنجي وحدانيت جو اعلان پاڻ صليٰ الله تعاليٰ عليه وسلم کان ڪرايو، حضرت محمد صلي الله عليه وسلم عشق الاهي ۾ ايتري ته ڪثرت سان عبادت ڪندا هئا، جو سندن قدم مبارڪ سڄي ويندا هئا. هي عشق دا جلوا هر هر دا، سبحان الله، سبحان الله، خود عاشق خود محبوب بڻا، سبحان الله، سبحان الله، اهو سندن شان مبارڪ آهي جو رب تعاليٰ کين ديدار سان نوازيو، جيڪو ڪنهن به نبي ۽ رسول کي عطا نه ٿيو. معراج لاءِ روانا ٿيڻ وقت پاڻ صلي الله عليه وسلم پنهنجي سئوٽ جي گهر ستل هئا، تنهن وقت سندن ڪنن مبارڪن تي آواز پيو ته، ”اٿي ويهو.“ پاڻ جڏهن جاڳيا ته سامهون حضرت جبرائيل عليه السلام حاضر هو ۽ سندس هٿ ۾ هڪ عجيب سواري براق هئي، جنهن پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم کي ڏسندي ئي پنهنجي پٺي سڌي ڪئي ۽ حضور صليٰ الله تعاليٰ عليه وسلم ان تي سوار ٿيا. براق اک ڇنڀ ۾ مڪي پاڪ جي جبلن ۽ صحرا کي پوئتي ڇڏي طورِ سينا جبل جي ان مقام تي پهتو، جتي رب ڪريم حضرت موسيٰ عليه السلام کي هم ڪلامي جو شرف عطا ڪيو هو. هتان هڪ ڊگهي سفر جي شروعات ٿي، جتي وک وک تي رسول الله صلي الله عليه وسلم کي ترسڻ لاءِ هلڪا هلڪا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا پئي رهيا، پر پاڻ صلي الله عليه وسلم ڪٿي به نه ترسيا. پاڻ صلي الله عليه وسلم ڄاتو پئي ته خدا کي جنهن مقام تي کين روڪڻ منظور هوندو، اتي خود براق بيهي رهندو. ائين براق بيت المقدس اچي پهتو، پاڻ صلي الله عليه وسلم اتي لٿا، جتي حضرت ابراهيم عليه السلام، حضرت موسيٰ عليه السلام، حضرت عيسيٰ عليه السلام سان گڏ هيڪل سليماني تي بيهي نماز پڙهيائون. ان کانپوءِ پهرين آسمان تي پهتا ۽ سفر ڪندا ستين آسمان تائين پهتا. حضور صلي الله عليه وسلم جن عجائبات ڏسندا سدرت المنتهيٰ تي اچي پهتا جيڪو عرش جي ساڄي پاسي آهي. صليٰ الله تعاليٰ عليه وسلم اتان نظر هٽائي ته هڪ درياهه ڇوليون هڻندو نظر آيو، جنهن جي ٻئي پار اک جيستائين پئي وئي، تيستائين نور جو هڪ ميدان ٿي ڏٺو. سدرت المنتهيٰ اهڙي جاءِ آهي، جتي الله تعاليٰ جا حڪم حاصل ڪيا ويندا آهن ۽ هتي ئي سڀني ملائڪن جي رڪجڻ جي جاءِ آهي. هتي حضرت جبرائيل عليه السلام عرض ڪيو، جيڪڏهن آئون هڪ آڱر جيترو به اڳتي ويندس ته منهنجا پر سڙي ويندا. اتي حضور صلي الله عليه وسلم حضرت جبرائيل کي فرمايو، تنهنجي ڪا حاجت آهي ته ٻڌاءِ! تنهن تي حضرت جبرائيل عرض ڪيو، ”منهنجي تمنا آهي ته بارگاهه الاهي ۾ عرض ڪجو ته قيامت جي ڏينهن منهنجي پرن کي ايترو وڌيڪ ويڪرو ڪيو وڃي ته جيئن اوهان جي امت کي پل صراط تان پنهنجي پرن جي ذريعي گذاري سگهان. ان کانپوءِ حديث شريف ۾ آيو آهي ته پوءِ حضور صليٰ الله تعاليٰ عليه وسلم کي بيت المعمور تي آندو ويو. هي اها جاءِ آهي جيڪا حضرت آدم عليه السلام جي زمين تي اچڻ سان گڏ ان جي رهڻ لاءِ لاٿي وئي هئي. هي جاءِ خانه ڪعبه جي بلڪل مٿان آهي. جهڙي طرح زمين تي انسان خانه ڪعبه جو طواف ڪندا آهن، اهڙي طريقي سان آسمان تي فرشتا هن جاءِ جو طواف ڪندا آهن. ان کانپوءِ حضور صلي الله عليه وسلم کي جنت ۽ دوزخ جو نظارو ڪرايو ويو، جنهن ۾ جنت کي رب تعاليٰ جي رحمت جو مظهر ڏٺائون ۽ دوزخ کي عذاب. جڏهن ته جنت کليل هئي ۽ دوزخ بند. ان کانپوءِ حضور صلي الله عليه وسلم چشمي مان غسل فرمايو ۽ کين تاج پهرايو ويو. پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم تان ربِ ڪائنات جا حجابات هٽندا ويا. روايت آهي ته اهي 70 نوراني مختلف قسم جا هئا، جنهن جي هر هڪ حجاب جو سفر 500 سال هو. حديث ۾ آهي ته معراج جي رات الله تعاليٰ حـضور صلي الله عليه وسلم جي ٻنهي ڪلهن مبارڪن جي وچ ۾ پنهنجي قدرت مبارڪ جو هٿ رکيو ته ٻئي جهان روشن ٿي ويا ۽ ٻنهي جهانن جو علم عطا ڪيو ويو. انهن علمن ۾ هڪ اهڙو علم هو جنهن کي ظاهر نه ڪرڻ جو واعدو ورتو ويو، ڇو ته اهو اهڙو علم هو جنهن جو ٻڌڻ ٻين لاءِ برداشت کان ٻاهر هو. ٻيو اهڙو علم هو جنهنجو کين اختيار ڏنو ويو ته ان کي ظاهر ڪري يا لڪائي. ٽيون اهڙو علم هو جنهن لاءِ سندن امت جي هر خاص ۽ عام لاءِ تبليغ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. جڏهن حضور صلي الله عليه وسلم واپس اچڻ لاءِ هن عالم ۾ ارادو ڪيو ته بارگاهه الاهي ۾ عرض ڪيائون، يا الله! هر مسافر جي واپسي وڃڻ تي تحفو هوندو آهي، منهنجي امت جي لاءِ هن سفر جو تحفو ڇا آهي؟ حق تعاليٰ فرمايو: اهو ته هر حال ۾ انهن جو مددگار رهندس. پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن پنهنجي محبوب رب تعاليٰ سان مليا ۽ پنهنجي خالق ۽ مالڪ جو ديدار ڪيائون، حضور صلي الله عليه وسلم جن جو معراج دراصل انسانيت جو معراج آهي، جنهن ۾ الله تعاليٰ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن کي عرش عظيم تي آڻي سندن رتبي کي بلندي ۽ ڪمال بخشيو، دنيا جي تاريخ جو جائزو وٺنداسين ته حقيقت پڌري ٿي پوندي ته مڪي جو هي يتيم ٻارڙو ۽ بادشاهيءَ ۾ به مسڪينيءَ جو شاندار مثال قائم ڪندڙ شهنشاهه اعظم حضرت محمد صلي الله عليه وسلم ئي دنيا جي واحد عظيم ۽ ڪامل هستي آهي.