220

مدئجي ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان ميراڻين ۾ جهيڙو، گوليون لڳڻ سبب نوجوان قتل

مدئجي(ن سوڀ) مدئجي جي ڪچي واري علائقي جهٻرشيخ ٿاڻي جي ڪيٽي سميع الله راشدي ڀرسان ڳوٺ گهر پنهنجا ۾ ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ سڱاوتي تان جهيڙو ٿي پيو آهي، جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب 20سالن جو نوجوان محمد ياسين پٽ عبدالرسول ميربحر موقعي تي مارجي ويو، نوجوان جي قتل تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، جنهن کانپوءِ مقتول جي وارثن نوجوان جو مڙهه کڻائي تعلقي اسپتال مدئجي پهتا جتي جهٻر شيخ ٿاڻي جي پوليس پهچي نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو. اسپتال ۾ موجود مقتول نوجوان جي پيرسن والد عبدالرسول ميراڻي ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته ڳوٺ عارب جي وانڍ جي رهواسي عبدالرحمان ميربحر واري ڌر سان سڱاوتي جو مامرو هو جيڪي سدائين ڌمڪيون ڏيندا هئا جنهن  تان گذريل رات دير سان جوابدارن عبدالرحمان ميربحر، صدام، عبدالستار ۽ ٻين حملو ڪري فائرنگ ڪئي جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب نوجوان پٽ قتل ٿي ويو آهي. هنن  آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کي اپيل ڪندي چيوته نوٽيس وٺي پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف ڊي ايس پي تاجوديرو آغا شڪيل پٺاڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ميراڻي برادري  جي ٻن ڌرين وچ ۾ سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو جنهن تان ٿيل ۾ نوجوان مارجي ويو آهي جنهن جو مڙھ پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو آهي وارثن جي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن واقعي کانپوءِ ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن ان سبب علائقي ۾ وڌيڪ خونريزي جو امڪان وڌي ويو آهي ۽ پوري علائقي ۾ خوف واري صورتحال پکڙجي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو