191

نوابشاهه سول اسپتال ۾ پورهيت جي نياڻي فوت، انتظاميا پاران ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار، لاش لوڊر رڪشا ذريعي ڳوٺ منتقل

دولتپورصفن(ن سوڀ) نوابشاھ سول اسپتال انتظاميا جي بيحسي جي حد ڪري ڇڏي، انتظاميا پورهيت جي نياڻي جو لاش کڻائڻ لاءِ ايمبولنس ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ مجبور وارث موٽرسائيڪل لوڊر رڪشا تي لاش کڻائي ڳوٺ پهتا. دولتپورصفن جي ڳوٺ سکپور جي رهواسين منٺار سولنگي، علي اڪبر سولنگي ۽ محمد صالح سولنگي پنهنجي معصوم نينگري 9 ورهين جي ساجدان سولنگي جو لاش موٽر سائيڪل لوڊر رڪشا ۾ کڻي احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي ننڍڙي ساجدان کي بخار ٿيو جنهن کي ٻارڙن واري وارڊ سرڪاري اسپتال نوابشاھ ۾ داخل ڪرايو، جنهن کانپوءِ اسان جي نياڻي فوت ٿي وئي، سرڪاري اسپتال نوابشاھ جي انتظاميا کان ايمبولنس جي گهر ڪئي پر انتظاميا ايمبولنس ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جنهن کانپوءِ اسان لاش موٽرسائيڪل لوڊر رڪشا تي دفنائڻ لاءِ ڳوٺ پهتاسين. هنن چيو ته اسان انتهائي مسڪين پورهيت آهيون، ڪاٺيون کپائي ٻچن جو گذر سفر ڪندا آهيون، اسان سان ظلم ٿيو آهن. هنن صحت کاتي ۽ سيڪريٽري هيلٿ کان مطالبو ڪيو ته نوابشاھ اسپتال انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن ٻئي ڪنهن غريب سان اهڙو ظلم نه ٿئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو