اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته صادق سنجراڻي جي ڪري ايوان جي وقار ۾ گهٽتائي ٿي، کيس ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته سينيٽ چونڊ جي عمل تي داغ لڳي چڪو آهي، اسان کي ان جو حل ڳولهڻو پوندو، اسان جاچ لاءِ سيڪيورٽي انچارج کي درخواست ڏني آهي. هن چيو ته صادق سنجراڻي جي ڪري ايوان جي وقار ۾ گهٽتائي آئي، ان وٽ استعيفيٰ ڏيڻ کانسواٰءِ ٻيو ڪو رستو ناهي، کيس پاڻ ئي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.
199