172

ڪئميرائون هٿ اچڻ ثبوت آهي ته سيڪيورٽي ادارا چونڊ جي نگراني ڪري رهيا آهن: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته ڪئميرائون هٿ اچڻ کانپوءِ ثبوت ملي ويا آهن ته سيڪيورٽي ادارا چونڊ جي نگراني ڪري رهيا آهن. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ٿي رهي آهي، پر اڄ ڪيفيت اها آهي ته پولنگ بوٿ مان 6 ڪئميرائون هٿ آيون آهن، هاڻي ثبوت ملي ويا آهن ته سيڪيورٽي ادارا چونڊ جي نگراني ڪري رهيا آهن، جڏهن ته صادق سنجراڻي اڄ صبح 5 وڳي ايوان مان واپس ويو، وزيراعظم ۽ هاڻوڪو سينيٽ چيئرمين ان ۾ ملوث آهن. هن چيو ته آرٽيڪل 226 چوي ٿو ته سينيٽ جي چونڊ ڳجهي ٿيندي، هاڻي 6 ڪئميرائون پڪڙيون ويون، خبر ناهي اتي ڪهڙيون ڪهڙيون شيون هونديون، ملڪ جي سينيٽ جي چونڊ چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اسان ڊي جي آءِ ايس پي آر جي ڳالهه تي يقين ڪرڻ چاهيون ٿا پر حالتون سڀني جي اڳيان آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو