226

ڪوٽ لالو: نوڪري جي آسري تي پورهيت مبينا طور اغوا، 4 لک ۾ وڪرو، احتجاج، تدارڪ جي گهر

ڪوٽ لالو (ن سوڀ)ڪوٽ لالو پريس ڪلب ۾ ضلعي سکهر جي ڳوٺ محمد شمباڻي واسي مسيڪن پورهيت عبدالقادر شمباڻي احتجاج ڪندي چيو ته محراب پور واسي عبدالحئي آرائين نوڪري جي دلاسي تي مون کي مريد ڪالوني لاهور ۾ چار لکن ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو جتي انهن مون کي سنگهر سان ٻڌي پنج مهينا ڪم ڪرائيندا رهيا ۽ نه ڪرڻ تي مون تي تشدد ڪندا هئا،  جتان مان وجهھ وٺي جان بچائي ڀڄي نڪتو آهيان ۽ هاڻي مون کي وڪرو ڪندڙ محراب پور جو رهواسي عبدالحئي آرائين منهنجي پويان لڳل آهي ۽ مون کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته مون کي جان جو خطرو آهي، جوابدار خلاف ڪارروائي ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي، مان در بدري واري زندگي گذاري رهيو آهيان ۽ پنهنجي گهر به وڃي نه ٿو سگهان.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو