220

چڪ ڀرسان پراڻي تڪرار تان جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، نوجوان قتل، 14 ڄڻا زخمي

چڪ (ن سوڀ) چڪ جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ موٽڻ ڪرسي جتوئي ۾ ڪرسي جتوئي برادري جي ٻن ڌرين لشڪري ۽ سوڀاري وچ ۾ هلندڙ پراڻو هڪ ڀيرو ٻيهر تيز ٿي ويو آهي، ٻنهي جهيڙيندڙ ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ڌرين هڪٻئي مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب سوڀاري ڌر جو 38 ورهين جو نوجوان انور پٽ قلندربخش ڪرسي جتوئي ٿڏي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته سوڀاري ڌر جا غلام سرور، محمد خان، عبدالشڪور، منظور،  غوث بخش، اربيلو،  منصور، دلبر،  حاجي، سڪندر، جڏهن ته لشڪري ڌر جو لشڪري، احسان احمد، محب الله ۽ لياقت ڪرسي جتوئي سخت زخمي ٿي پيا، جهيڙي جي اطلاع بعد سب ڊويزن لکي غلام شاھ جي پوليس اٽالن واقعي واري هنڌ پهچي مقتول نوجوان جو لاش توڙي زخمين کي کڻائي لکي تعلقي اسپتال پهچايو، جتي احسان احمد ۽ لياقت احمد جي حالت انتهائي نازڪ هجڻ سبب کين سکر نيو ويو، جڏهن ته ڌرين وچ ۾ ڪيترائي ڪلاڪ فائرنگ هلڻ سبب ڪچي واري علائقي ۾ سخت ڏهڪاءُ ڇائنجي ويو، خوف وچان ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا. هوڏانهن مقتول نوجوان انور ڪرسي جو لاش لکي تعلقي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي سندس وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو