ڪراچي(ويب ڊيسڪ) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معاشري جي سمورن طبقن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ بنا ترقي ممڪن ناهي، نئون نسل خير جي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ سان گڏوگڏ بدعنوانيءَ خلاف جدوجهد ڪري، ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جا اصول اسان لاءِ مشعل راهه آهن. اهڙو اظهار هن پاڪستان اسڪائوٽس سنڌ جي انتظام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته جيڪو پاڪستان هاڻي ٺهي رهيو آهي اهو وڏو مضبوط ۽ طاقتور پاڪستان هوندو بي ايماني معاشري لاءِ زهر آهي، پاڪستان کي ان لعنت مان ڪڍيو پيو وڃي ڪيترن ئي ملڪن کي ان تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ٻار پاڪستان جو مستقبل آهن ڪڏهن به بي ايماني ۽ ڪرپشن جي طرف نه وڃجي. صدر پاڪستان عارف علوي پروگرام منعقد ڪرڻ تي منتظمين کي مبارڪون پيش ڪندي چيو ته اسڪائوٽس جنهن انداز ۾ هلڻ کپي ان لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي. هن چيو ته ڪلين ۽ گرين پاڪستان سٺو موضوع رکيو ويو آهي ۽ ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي دنيا ۾ وڻن جي شرح گهٽ ٿي رهي آهي وڻ معاشري لاءِ تمام ضروري آهن ۽ موجوده حڪومت ان تي ڌيان ڏئي رهي آهي پر ماضي ۾ وڻ ڪٽيا ويا جنهن سبب ٻيلن جي شرح گهٽجي وئي آهي. هن اسڪائوٽس کي مخاطب ٿيندي چيو ته سموري زندگي وڻ لڳائڻ جو ڪم ڪرڻو آهي ۽ انهن جي سنڀال به ڪرڻي آهي. هن وڌيڪ چيو ته صفائي سٿرائي کي به پنهنجي زندگي جو حصو بڻايو. هن چيو ته گڏجي رهڻ اسلام جو جز آهي حج ۽ عمري ۾ به اهو ئي پيغام ملندو آهي ته هڪٻئي جو خيال رکيو وڃي. صدر پاڪستان چيو ته پاڪستان جي باني قائد محمد علي جناح جي پيغام اتحاد، ايمان ۽ تنظيم سان گڏ زندگي گذاريو اهو توهان جي پنهنجي مٿان احسان ٿيندو. هن چيو ته ڊسيپلين سان سمورا ڪم ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان جو عوام وڏي دل وارو آهي جڏهن به ضرورت پوندي آهي ته هي ماڻهو وڏي دل جو مظاهرو ڪندا آهن. صدر پاڪتان چيو ته اسڪائوٽس کي هر وقت ٻين جي مدد لاءِ تيار رهڻ گهرجي. هن چيو ته تعليم اهو ٿنڀ آهي جنهن جي بنياد تي ملڪ ترقي ڪندو. صدر پاڪستان چيو ته هن ملڪ اسان کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي هي ملڪ هاڻي ترقي ڪندو جنهن تي اسان کي فخر هجڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي خصوصي ماڻهن کي ان جي قابل بڻائڻو آهي جو هو پنهنجي علم ۽ هنر جي بنياد تي معاشري ۾ بيهي سگهن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته معذور ماڻهن جي احساسن کي مجروهه ڪرڻ جي حوالي سان احتياط ڪرڻ گهرجي جن قومن محروم طبقي کي اٿاريو آهي انهن قومن جي ترقي ۾ ڪا به رڪاوٽ نٿي اچي سگهي.
173