جده(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي صحت جي ماهرن چيو آهي ته ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيندڙ ماڻهو ڪورونا ويڪسين جي هڪ انجيڪشن ضرور لڳرائن، ويڪسين جي ٻئين خوراڪ لڳرائڻ جي ضرورت ناهي.هڪ شهري ٽوئٽر تي صحت واري وزارت کان سوال ڪيو ته ڪورونا مان صحتياب ٿيڻ کان پوءِ جيڪڏهن ڪو شخص ويڪسين لڳرائڻ چاهي ٿو ته ڇا ٻين ماڻهن وانگر ٻه انجيڪشن لڳرائي يا هڪ؟ جنهن جي جواب ۾ صحت واري وزارت جي ماهرن چيو ته اهڙي ماڻهو کي رڳو هڪ ئي انجيڪشن لڳرائڻ گهرجي پر شرط اها آهي ته صحتيابي جي 6 مهينن کان پوءِ انجيڪشن لڳرائي.
193