اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلويز جديد آن لائن پريميئر ڪنٽينرز ٽرين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. رپورٽن مطابق پاڪستان ريلويز ڪراچي ۽ لاهور وچ ۾ هڪ نئين پريميئر ڪنٽينرز ٽرين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي بڪنگ آن لائن ٿيندي، .هر مهيني ۾ 6 ٽرينون1،6،11،16،21 ۽26 تي ڪراچي کان لاهور وينديون. پريميئر ڪنٽينرز ٽرين جا32 ڪلاڪ مقرر ڪيا ويا آهن، جنهن جي سخت طريقي سان مانيٽرنگ ڪئي ويندي، ڇو ته دير جي صورت ۾ کاتو پارٽين کي ري فنڊنگ ادا ڪندو. پريميئر ڪنٽينرز ٽرين 30 وينن تي ٻڌل هوندي ۽ هڪ وين جي گهٽ ۾ گهٽ بڪنگ جي قيمت 125،000 روپيا مقرر ڪئي وئي آهي. ان حساب سان پاڪستان ريلوي کي هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ 22.5 ملين روپين جي آمدني متوقع آهي جيڪڏهن هر وين پنهنجي گهٽ ۾ گهٽ ريٽ تي ئي بڪ ٿي .ان موقعي تي ڪراچي ڊويزنل سپريڊنٽ پاڪستان ريلوي محمد حنيف گل چيو ته ريلوي فريٽ بيٽري ۾ پريمئر ڪنٽينرز ٽرين جي شموليت هڪ اهم قدم آهي ۽ باقي فريٽ ٽرينن کي به اهڙي طرح منتقل ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته شفافيت، وقت جي پابندي، آمدني ۾ اضافو ۽ بهترين سروس مهيا ڪرڻ ان پريمئر ٽرين جو اهم مقصد آهي.
176