لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانوي شهزادي وليم پنهنجي ڀاءَ پرنس هيري ۽ شهزادي ميگهن طرفان تعصباڻي رويي واري الزام تي پهريون ڀيرو ڳالهائيندي چيو آهي ته شاهي خاندان نسل پرست ناهي. رپورٽن مطابق پنهنجي زال شهزادي ڪيٽ مڊلٽن سان گڏ ايسٽ لنڊن اسڪول جي دوري دوران پرنس وليم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو خاندان نسل پرست ناهي. واضح رهي ته شهزادو وليم شاهي خاندان جو پهريون شخص آهي جنهن پنهنجي ننڍي ڀاءَ پرنس هيري ۽ سندس زال ميگهن مارڪل جي هڪ آمريڪي چينل کي انٽرويو دوران شاهي محل ۾ نسل پرستي ۽ سخت رويي جي الزام تي عوامي سطح تي تبصرو ڪيو آهي.
200