رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي مختلف علائقن ۾ 11 نمازين ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ کانپوءِ وڌيڪ 11 مسجدون عارضي طور تي بند ڪيون ويون آهن. سعودي سڌ سماءُ وارن ذريعن مطابق سعودي عرب جي اسلامي معاملن واري وزارت هڪ بيان ۾ چيو ته سڄي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 11 نمازين ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ کانپوءِ وڌيڪ 11 مسجدن کي عارضي طور تي بند ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ گذريل 32 ڏينهن دوران بند ڪيل مسجدن جو انگ 263 تائين پهچي ويو آهي، جن مان 244 مسجدن کي سينيٽائزنگ ۽ صحت جا انتظام مڪمل ڪرڻ تي کوليو ويو آهي.
271