قاهره(ويب ڊيسڪ) مصر جي گادي واري شهر قاهره ۾ ڪپڙن جي فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا سڙي فوت ۽ 24 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽن مطابق قاهره ۾ چار ماڙ ڪپڙن جي فيڪٽري ۾ باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا فوت ۽ 24 زخمي ٿي پيا ۽ قيمتي ڪپڙا سڙي رک ٿي ويا، باهه ايتري شديد هئي جو ان مان اٿندڙ دونهين سڄي علائقي کي پنهنجي وڪوڙ ۾ آڻي ڇڏيو. فيڪٽري انتظاميا جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جي شروعات ڪئي وئي آهي.
254