ايمسٽرڊيم(ويب ڊيسڪ) موسيقي جي شوقينن لاءِ آڊيو ڪيسٽ ايجاد ڪندڙ مشهور انجينيئر لواوٽينس 94 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. آمريڪي سڌ سماءُ وارن ذريعن مطابق فلپس ڪمپني جي ترجمان اولگا ڪولن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته آڊيو ڪيسٽ ايجاد ڪندڙ انجينيئر لواوٽينس هالينڊ ۾ پنهنجي اباڻي شهر ڊوئزيل ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. هن ٻڌايو ته لواوٽينس ننڍپڻ کان ئي آڊيو اوزارن ۾ دلچسپي ظاهر ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي هئي ۽ هن ٻئين مهاڀاري جنگ ۾ جرمني تي قبضي دوران هڪ ريڊيو تيار ڪري ان ۾ جرمن جيمنگ ٽرانسميٽر کان بچڻ لاءِ هڪ خاص اينٽينا لڳايو هو ته جيئن هو پنهنجي والدين سان گڏ فري اسٽيشن ريڊيو ٻڌي سگهي. واضح رهي ته لواوٽينس اليڪٽرانڪس ڪمپني فلپس ۾ انجينيئر طور ڪم ڪندي 1963ع جي هڪ اليڪٽرانڪس ميلي ۾ پهرين ڪيسٽ پيش ڪئي هئي جنهن جو سڄي دنيا ۾ 100 ارب کان وڌيڪ وڪرو ٿيو، ان جي ايجاد کانپوءِ سي ڊي جي ايجاد پڻ لواوٽينس ۽ سندس ٽيم جي نالي رهي.
170