170

ڀارت ۾ تڪراري قانونن خلاف هارين جو احتجاج جاري، 26 مارچ تي سڄو ڀارت بند ڪرڻ جو اعلان

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ تڪراري قانونن خلاف هارين جو احتجاج جاري آهي هاري اڳواڻن چيو آهي ته رياستي چونڊن ۾ هارين جي ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) خلاف مهم تيز ٿي وئي آهي، هاري اڳواڻن چيو آهي ته هن ڀيري رياستي چونڊن ۾ ووٽرز بي جي پي کي ضرور سزا ڏين. رياست هريانه ۾ هارين وڏي پيماني تي احتجاجي مظاهرن دوران رياستي حڪومت خلاف سخت نعري بازي ڪئي، وزيراعظم نريندر مودي، رياستي وزيراعليٰ جا پتلا ساڙيا، احتجاجي مظاهرن ۾ وڏي انگ ۾ هارين شرڪت ڪئي. پنجن رياستن ۾ جاري چونڊن ۾ هارين بي جي پي خلاف مهم تيز ڪري ڇڏي آهي. هاري اڳواڻن شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو رياستي چونڊن ۾ ٻين پارٽين کي ووٽ ڏين. هاري اڳواڻن چيو ته جنهن کي مرضي ووٽ ڏيو پر مودي جي پارٽي کي ووٽ نه سزا ڏيو. هاري اڳواڻن اعلان ڪيو آهي ته اولهه بنگال جي شهر ڪلڪتا ۾ هاري ريليون ڪڍندا ۽ 26 مارچ تي سڄو ڀارت بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو