بينڪاڪ(ويب ڊيسڪ) ٿائيلينڊ حڪومت آسٽرزينيڪا ڪورونا ويڪسين جو استعمال عارضي طور تي معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. چيني خابرو اداري صحت واري وزارت جي سيڪريٽري جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته يورپي ملڪن ۾ آسٽرزينيڪا ڪورونا ويڪسين جي استعمال سان رت جي ڄمڻ (بلڊ ڪلاٽ) جي خدشن جون علامتون ظاهر ٿيون آهن، جنهن سبب حڪومت کي ڪورونا ويڪسين جو استعمال عارضي طور تي روڪڻو پيو آهي. هن جو چوڻ هو ته جمعي تي وزيراعظم سميت اسيمبلي ميمبرن آسٽرزينيڪا ڪورونا ويڪسين جي خوراڪ وصول ڪرڻ جي منصوبي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ مطابق ٿائيلينڊ حڪومت آسٽرزينيڪا ڪورونا ويڪسين جو استعمال عارضي طور تي روڪڻ جو فيصلو ان وقت ڪيو جڏهن ڊنمارڪ، ناروي ۽ آئس لينڊ سميت ٻين ملڪن ۾ آسٽرزينيڪا ڪورونا ويڪسين جي فراهمي کانپوءِ ماڻهن ۾ بلڊ ڪلاٽ جي علامتن جي شڪايتن جو اطلاع مليو.
192