274

ن ليگي ميمبرن پنهنجا ووٽ مريم نواز جي چوڻ تي ضايع ڪيا: فياض الحسن چوهاڻ جي دعويٰ

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي جيلن واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ دعويٰ ڪئي آهي ته سينيٽ چيئرمين واري چونڊ ۾ ن ليگ جي 7 ميمبرن پنهنجا ووٽ مريم نواز جي چوڻ تي ضايع ڪيا. پي ڊي ايم اميدوار يوسف رضا گيلاني جي شڪست تي فياض الحسن چوهاڻ ردعمل ڏيندي چيو ته ليگي ميمبرن پنهنجا ووٽ مريم نواز جي چوڻ تي ضايع ڪيا. هن چيو ته ليگي ميمبرن جو ووٽ ضايع ڪرڻ جو مقصد آلِ زرداري جي چالاڪين جو جواب ڏيڻ هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو