پيروسڻ(ن سوڀ)پنجاب صوبي جي شھر رحيم يار خان جي صدر ٿاڻي جي پوليس پيروسڻ ٿاڻي تي پهچي پيروسڻ پوليس جي مدد سان ڳوٺ سرنھن ۾ ڪارروائي ڪري پنجاب جي شھر رحيم يار خان مان ڪجھه مھينا اڳ اغوا ڄاڻايل رشيدان ڌيءَ الھڏتو جويا کي بازياب ڪرائي ورتو آھي، جڏھن ته پوليس ناري کي اغوا ڪرڻ جي الزام ھيٺ ٻن جوابدارن راجا خان شر ۽ سندس پيءُ شوڪت علي شر کي گرفتار ڪري ورتو آھي، جن جو تعلق سکر سان آھي. ان موقعي تي پنجاب پوليس آفيسر ٻڌايو آھي ته رحيم يار خان ٿاڻي تي جوابدارن مٿان ناري کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ٿيل آھي، جنھن تحت ڪارروائي ڪري ناري کي بازياب ڪرايو آھي ۽ ڪيس ۾ گھربل جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آھي. ٻئي طرف بازياب ٿيل ناري ۽ اغوا جي الزام ھيٺ آيل نوجوان راجا خان شر ٻڌايو آھي ته اسان پنھنجي راز خوشي سان سيشن ڪورٽ خيرپور جي عدالت ۾ پيار پرڻو ڪيو آھي.
345