ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن ۾ ڪرپشن جي 33 ڪيسن ۾ فرار ڄاڻايل 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي ذريعن مطابق ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل ڪوئيٽا جي ٽيم هڪ انتهائي گهربل جوابدار يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن جي اڪائونٽ آفيسر اسجد الرحمان کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جيڪو يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن ڪوئيٽا ريجن جي 33 ميگا ڪرپشن ڪيسن ۾ ايف آءِ اي کي گهربل هو. ذريعن ٻڌايو ته جوابدار 2010ع کان 2015ع دوران يوٽيلٽي اسٽور انچارجن، ايريا مئنيجرن، اڪائونٽ آفيسرن ۽ ريجنل مئنيجرن کان 356.187 ملين رپين جو غبن ڪيو هو. ان کانسواءِ ايف آءِ اي ڪوئيٽا جي هڪ ٻي ڪارروائي ۾ جوابدار راشد احمد کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڄاڻايل جوابدار يوٽيلٽي اسٽور ۾ 11 لک رپين جي ڪرپشن ڪئي هئي.
217