221

ڪورونا وائرس: خانگي اسڪولن جي مالڪن اسڪول بند ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ خانگي اسڪولن جي مالڪن جي تنظيم ڪورونا وائرس سبب اسڪول بند ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. خانگي تعليمي ادارن جي مالڪن پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته گذريل سال به هنن ئي ڏهاڙن ۾ لاڪ ڊائون سبب ٻارڙن کي نقصان ٿيو ۽ هاڻي ٻيهر ٻارڙن جو تعليمي سال برباد ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته 45 سيڪڙو پرائيويٽ تعليمي ادارن جون بلڊنگون مسواڙ تي ورتل آهن ۽ 20 هزار اسڪول بند ٿيڻ سان 7 هزار استاد بيروزگار ٿي چڪا آهن، جنهنڪري حڪومت پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري. اسڪول مالڪن جو چوڻ هو ته کين مجبور ڪيو پيو وڃي ته روڊن تي اسڪول لڳائين ۽ ٻارڙن کي پڙهائين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو