لاهور (ويب ڊيسڪ) نيب لاهور مريم نواز جي ضمانت واري درخواست خارج ڪرائڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي. نيب پاران لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ مريم نواز ۽ گهرو وزارت کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مريم نواز لاهور هاءِ ڪورٽ مان چوڌري شگر ملز ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد آهي ۽ هو پنهنجي ضمانت جو ناجائز فائدو کڻي رهي آهي. نيب پنهنجي درخواست ۾ چيو ته مريم نواز خلاف چوڌري شگرملز سميت ٻين ڪيسن جي جاچ هلي رهي آهي، پر هو ضمانت تي آزاد هجڻ باوجود نيب سان جاچ ۾ سهڪار نه پئي ڪري، ان ڪري سندس ضمانت رد ڪئي وڃي.
233