فدا حسين چانڊيو نوابشاهه مان لکي ٿو
ملڪ جي نامياري ديني عالم علامه مختيار حسين مولائي جي ورسي ٿي گذري، جنھن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي قرآن خواني ۽ فاتح خواني ڪرڻ بعد لنگر پڻ کارايو ويو، سندس ڪيل خدمتن کي ياد ڪندي نوابشاهه واسي اڄ به ٿڌا ساهه ڀري اکين مان لڙڪ هاري ويهن ٿا. مرحوم جي تربيت جو اثر آهي ته اڄ مشڪلاتن،سازشن،تڪليفن باوجود سندس اولاد علائقي جي غريب عوام جي لاءِ جاکوڙ ۾ مصروف عمل آهي، سندس ادا ڪيل ڪردار سبب نوابشاهه سميت سنڌ ۽ ملڪ جو عوام هميشه ناز ڪندو رهندو، هي قائد ملت جعفريه علامه سيد ساجد علي نقوي جو سچو سپاهي هو، سندس ورسي موقعي تي قرآن مجيد جا ختما ڪڍي مرحوم جي روح کي بخشيا ويا ۽ دعا گهري وئي، عظيم انسان علامه مختيار حسين مولائي جي محبتن ۽ شفقتن کي بيان ڪرڻ لاءِ مون وٽ لفظ ناھن، ديني پيغام پھچائڻ ۾ بيحد سنجيده ۽ پاڻ کي زحمتن ۾ وجھي جھر جھنگ ۾ اھل بيت عليھم السلام جو پيغام پھچائڻ لاءِ سخت ڪوششون ڪيون، هو پيار ۽ محبت جو پيڪر هو، ھر ھڪ کي کلي کيڪاريندو هو، جيڪو به ساڻس ھڪ ڀيرو ملندو ھو، اھو وري وري ساڻس ڪچھري لاءِ سڪندو ھو. ملنگاڻي طبيعت جو مالڪ هو، مخصوص انداز سان خطابت سبب پوري سنڌ ۾ مشھوري ماڻيائين، سندس سحر انگيز خطابت کيس ماڻھن جو محبوب بڻائي ڇڏيو ھو. نوابشاهه ضلعي جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر کان وڌي پوري سنڌ ۾ مولا جي محبت جي جام سان مؤمنن ۾ موجون پيدا ڪيائين. پاڻ تعلقي دوڙ جي سڀ کان وڏي اسڪول گورنمينٽ پرائمري مين سنڌي اسڪول دوڙ ۾ سخت ذميواري (ھيڊ ماستر) ھوندي ايمانداري سان جيڪا ڊيوٽي انجام ڏنائين ان کي ھميشه ياد رکيو ويندو. ڪيئي ڀيرا اسڪول جي موڪل کانپوءِ ڏورانهن علائقن تائين مجلسن جي سلسلي ۾ نڪري وڃڻ ۽ رات جو 3 بجي گھر پھچڻ کان پوءِ به ٻئي ڏينھن پابندي سان اسڪول اچي ڊيوٽي ڏيڻ سندس ايمانداري ۽ فرض شناسيءَ جو اعليٰ نمونو آھي. سندس ڪوششن سان ڪيترائي غير مسلم ايمان آڻي مسلمان بڻيا. رمضان ۾ روزو رکي به مسجد ۽ امام بارگاهه سجاديه دوڙ جي منصوبي کي پايه تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ اڳي کان اڳرو نظر ايندو ھو. ۽ انھيءَ مسجد ۾ سخت عليل ھوندي به 20 سالن کان وڌيڪ عرصو پيش امام طور خدمتون انجام ڏنائين، مونکي ياد نه آهي ته ڪھڙو ڏکيو وقت به اچي وڃي پر هن ڪا نماز شب ترڪ ڪئي ھجي، پاڻ سڄي زندگي ولي فقيه جي نمائندي، علامه سيد ساجد علي نقوي جي ھڪ فداڪار سپاھي جي عنوان سان گذاريائين ۽ مختلف عھدن تي رھي ملت عظيم لاءِ خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ سدائين تحريڪ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيائين جيڪو صدين تائين ياد رکيو ويندو. سندس خواب ھو ته منهنجو اولاد به علوم آل محمد صه کي حاصل ڪري ۽ مون کان بعد به منهنجي خدمتن جو ڏيو روشن رھي ۽ الله سائين به سندس اهو سپنو اھڙي سھڻي انداز سان ساڀيان ڪيو جو اڄ سندس ھڪ پٽ مولانا ضمير حسين مولائي جي صورت ۾ پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلندي ملت عظيم جي خدمت ۾ ڏينهن رات مصروف عمل آهي ۽ ٻيو خاندان پوٽاڻ توڙي ڏوهٽاڻ دنياوي علم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ديني طالب علم به آھن. اڄ يقينن سندس روح خدا جي خاص رحمتن جي سائي ۾ ھوندو، پاڻ 12 مارچ 2019 تي داعي اجل کي لبيڪ چوندي ھزارين اکين کي اشڪبار ڪري ھن فاني دنيا کي ڇڏي خالق حقيقي ڏي ھليا ويا ۽ پنھنجي پاڻ کي ھميشه لاءِ امر بڻائي ويا. کيس اباڻي قبرستان ڳاڙهو پير دوڙ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.