240

سياست کي ڪهڙي راند سان ڀيٽڻ گهرجي..؟؟

ليکڪ: ايف ايس اعجاز الدين

معاملو اهو آهي ته لکين ڪروڙين پاڪستاني پئسا ڏئي پنهنجي چونڊيل نمائندن کي سياست جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏندي ڏسن ٿا، سياست کي عام طور تي ڪرڪيٽ سان ڀيٽيو ويندو آهي، خاص طور تي هاڻ جڏهن ملڪ جي سياسي ٽيم جي ڪپتاني هڪ پروفيشنل ڪرڪيٽر ڪري رهيو آهي پر منهنجي خيال ۾ اها تشبيهه درست نه آهي، ان جو سبب اهو آهي ته پچ تي انتهائي گهڻا کلاڙي آهن، مناسب رويي بابت ايم سي سي جي قانونن جو ڪنهن کي به فخر نه آهي ۽ هتي رن آئوٽ انتهائي گهڻا ٿين ٿا، هتي سڀني کي اسڪور ٺاهڻ بدران اسڪور برابر ڪرڻ جي ڳڻتي هوندي آهي، ته ڇا اها راند فٽبال وانگر آهي؟ ائين به نه آهي ته فٽبال ۾ مهارت، رفتار ۽ بال تي مڪمل ڪنٽرول جي ضرورت هوندي آهي، اسان جا سياسي ٽاڪرا ته ڄاڻي واڻي فائول ڪرڻ ۽ پاڻ پنهنجو ئي گول ڪرڻ تي ٻڌل هوندا آهن ۽ وري انهن جي نگراني هڪ اهڙو جانبدار ريفري ڪندو آهي، جنهن جي هٿ ۾ سي ٽي وانگر هڪ لٺ هوندي آهي، يا وري ان راند کي باڪسنگ سان تشبيهه سان ڏئي سگهجي ٿي؟جيڪڏهن ان کي هڪ راند وانگر ڏسون، جنهن ۾ رت وهي ٿو ۽ عام نتيجو ناڪ آئوٽ جي صورت ۾ نڪري ٿو ته ان کي بلڪل باڪسنگ سان تشبيهه ڏئي سگهجي ٿي، بس فرق ايترو آهي ته اسان جا سياسي رانديگر ڪوئينسبري قانونن کان واقف نه آهن، جن فردن کي تاريخ سان دلچسپي آهي اهي هن راند کي روم جي ڪلوسيم ۾ ٿيندڙ مقابلن سان به تشبيهه ڏيندا،انهن مقابلن ۾ گليڊيئٽرز ان وقت تائين وڙهندا هئا جيستائين آڱوٺن جي هڪ حرڪت سندن قسمت جو فيصلو نه ڪندي هئي، مٿي طرف اٿيل آڱوٺي جو مطلب هو ته اهو گليڊيئيٽر ٻي ويڙهه تائين زندهه رهندو ۽ آڱوٺو هيٺ طرف رخ ڪندو هو ته ان جو مطلب موت هوندو هو. قومي اسيمبلي ۾ ٿيندڙ اعتماد جو ووٽ به مٿي کڄيل آڱوٺو ئي هو ۽ اهو به گهٽ ۾ گهٽ 6 مهينن لاءِ، اها ڪاميابي انتهائي وڏن نقصانن کانپوءِ ملي آهي ۽ اها سرڪس ۾ هڪ لٺ تي ٻڪري کي توازن سان بيهارڻ برابر آهي، ائين چئو ته اهو هڪ غير يقيني استحڪام آهي، ڪيترا ئي مبصر ان بابت حيران آهن ته پي ٽي آءِ جي حڪومت کي سينيٽ چونڊن کان ٿورڙو اڳ آرٽيڪل 226 ۾ ترميم ڇو ضروري لڳي؟ ۽ اها به اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ؟ ظاهر آهي ته پي ٽي آءِ کي پنهنجي ميمبرن تي اعتبار نه هو، ايستائين جو 50 ڪروڙ رپين جا ترقياتي فنڊ به ميمبرن جي وفاداري برقرار رکڻ لاءِ ڪافي نه هئا، اهي سڀ سچا ماڻهو ضرور آهن پر سچا سياستدان نه آهن، ابراهام لنڪن جي جنگ بابت سيڪريٽري سائمن ڪيمرون چيو هو ته ”هڪ سچو سياستدان اهو آهي جڏهن ان کي خريد ڪيو وڃي ته هو پنهنجي خريدار سان وفادار رهي“ هاڻ عام ووٽر پريشان آهي ته جيڪڏهن اوپن بيلٽ ايتري ئي سٺي شيءِ آهي ته پوءِ اهو عام چونڊن تي به لاڳو ڇو نٿو ٿئي، ان جو جواب ووٽ جي حرمت ۾ لڪل آهي، پر اسان جا عوامي نمائندا ان جو احساس ناهن رکندا، ووٽ هڪ امانت آهي،  اهو حق آهي، جو هڪ انسان کان ٻئي انسان کي ملي ٿو، هي فٽبال نه آهي جو اوهان کي ڪنهن ميدان ۾ هيڏي هوڏي اڇلائيندا رهو، ان جي حيثيت ڪاغذ جي هڪ ٽڪري کان گهڻي وڌيڪ آهي، 1938ع ۾ برطانوي وزيراعظم نوائل چيمبر لين جرمن چانسلر اڊولف هٽلر سان ڳالهيون ڪري واپس موٽيو ته هن اعلان ڪيو ته ”منهنجي هٿ ۾ جيڪو ڪاغذ جو ٽڪرو آهي ان تي ايڊولف هٽلر جون صحيحون موجود آهن، جنهن مطابق هو جنگ جي شروعات نه ڪندو“ هٽلر رازداري سان پنهنجي پرڏيهي وزير کي چيو ته ان کي گهڻو سنجيده نه وٺجان، ان ڪاغذ جي ٽڪري جي ڪا اهميت نه آهي. برطانيا طرفان 3 سيپٽمبر 1939ع تي جرمني موڪليل جنگ جو اعلان به هڪ ڪاغذ جي ٽڪري تي لکيل هو ۽ 8 مئي 1945ع تي جرمني طرفان صحيح ڪيو ويندڙ هٿيار ڇڏڻ جو اعلان به ڪاغذ جي ٽڪري تي ئي ٻڌل هو، ائين ئي هٽلر جي ڳالهه غلط ثابت ٿي، جيڪڏهن بيلٽ باڪس کي ردي جي ٽوڪري سمجهيو وڃي ته پوءِ بيلٽ پيپر جي حيثيت ڪاغذ جي ٽڪر کان به گهٽ ٿي وڃي ٿي، پر باشعو ووٽر جي هٿ ۾ موجود بيلٽ پيپر حڪومتون ڪيرائڻ جي طاقت رکي ٿو، ذوالفقار علي ڀُٽي کي ان ڳالهه جو احساس تڏهن ٿيو جڏهن هن 1977ع ۾ پنهنجو ووٽ بئنڪ بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس ووٽرن کيس هڪ زبردست فتح ڏياري، پيپلزپارٽي جي ڪجهه اميدوارن پنهنجن حلقن مان 95 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا، اهو الزام به لڳايو وڃي ٿو ته ڪجهه اهم تڪن جي نتيجن جو اعلان وزيراعظم هائوس مان ڪيو ويو، انهن حالتن جي تازو ئي ڊسڪا جي اين اي 75 جي ٿيل چونڊن سان هڪجهڙائي صرف اتفاقي هوندي، جولاءِ 1977ع ۾ آپريشن فيئر پلي تحت جنرل ضياءُ الحق جي مداخلت سان حالتن کي سڀني لاءِ سازگار هجڻ گهرجي ها، پر سندس اچڻ سان پچ تي هڪ ٽيون ريفري اچي ويو ۽ ان کي سليڪٽرز جي پينل ۾ به مستقل جاءِ ملي وئي، نومبر 1989ع ۾ شهيد بينظير ڀٽو ۽ وري مارچ 1993ع ۾ نواز شريف کي ان وقت هڪ جهٽڪو لڳو جڏهن کين غير جمهوري طريقي سان هٽايو ويو، ڇا پاڪستاني عوام ان سياسي ميدان ۾ ٿيندڙ سياسي ڪٻڊي کي تماشائي بڻجي ڏسندو رهندو، پاڪستاني ووٽرز موقعي پرست رانديگرن کي ٽيم تبديل ڪندي ڏسي اميدوارن کي هارجندو ڏسي ۽ وزيراعظمن کي گهر ويندو ڏسي بيزار ٿي پيو آهي، هاڻ ڪو همت ڪري اهو سوال ڪري وجهي ته جيڪڏهن اوهان هن ملڪ سان کيڏي کيڏي ٿڪجي چڪا هجو ته ڇا اسان کي اسان جو ملڪ واپس ملي سگهي ٿو؟

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو