ايڊيٽوريل
ملڪ جي مٿئين ايوان يعني سينيٽ جون گذريل ڏينهن چونڊون ٿي گذريون، جنهن ۾ سينيٽ چيئرمين لاءِ حڪومتي اتحاد طرفان گڏيل اميدوار اڳوڻو سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ۽ مخالف ڌر جي گڏيل اتحاد پي ڊي ايم طرفان اڳوڻو وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني اميدوار هو، جڏهن ته ڊپٽي چيئرمين لاءِ حڪومت طرفان مرزا محمد آفريدي ۽ مخالف ڌر طرفان عبدالغفور حيدري اميدوار هئا، چونڊن دوران صورتحال ان وقت ڳنڀير ٿي وئي، جڏهن مخالف ڌر طرفان چونڊن لاءِ قائم ڪيل بوٿ وٽان 4 ڳجهين ڪئميرائن جي نشاندهي ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ انهن کي هٿ ڪري ٻاهر ڪڍيو ويو، ڳڻپ کانپوءِ حڪومتي اميدوار صادق سنجراڻي کي 48 ۽ گڏيل مخالف ڌر جي اميدوار يوسف رضا گيلاني کي 49 ووٽ پيا، ڳڻپ دوران نالي تي ٺپو هجڻ سبب سيد يوسف رضا گيلاني جا 7 ووٽ خارج ڪيا ويا، جڏهن ته هڪ ووٽ ٻنهي اميدوارن کي گڏيل طور تي ڏيڻ سبب خارج ڪيو ويو ۽ اهڙي طرح ڪارروائي هلائيندڙ رولنگ ڏيندي صادق سنجراڻي کي سينيٽ جو چيئرمين قرار ڏنو، جڏهن ته بعد ۾ صادق سنجراڻي جي نگراني ۾ ڊپٽي چيئرمين لاءِ چونڊ ٿي، جنهن ۾ حڪومتي اميدوار 54 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته مولانا عبدالغفور حيدري کي 44 ووٽ مليا، هوڏانهن سيد يوسف رضا گيلاني جي خارج ڪيل ووٽن تي ايوان ۾ موجود فاروق ايڇ نائيڪ موقف اختيار ڪيو ته سينيٽ جي سيڪريٽريٽ طرفان جيڪو هدايت نامو ڏنو ويو آهي، ان ۾ ڪٿي به اهو لکيل نه آهي ته اميدوار جي نالي جي سامهون ٺپو هنيو وڃي، ان ۾ لکيل آهي ته اميدوارن جي خانن ۾ ٺپو هنيو وڃي، ان ڪري ڄاڻايل ووٽ خارج نٿا ڪري سگهجن، اهي درست آهن، جنهن تي ڪارروائي هلائيندڙ سينيٽر چيو ته آئون اهي ووٽ رد ڪيان ٿو، اوهان کي اعتراض آهي ته اوهان ٽربيونل ۾ وڃو، هوڏانهن اهڙي چونڊ کانپوءِ گڏيل مخالف ڌر سينيٽ ۾ چيئرمين جي چونڊ کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ اعلان ڪيو آهي ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ چوري ٿي آهي، اسان کٽي چڪا آهيون، عدالت ۾ وينداسين، هن يوسف رضا گيلاني سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پي ڊي ايم قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ ۾ به حڪومت کي شڪست ڏني ۽ يوسف رضا گيلاني کٽڻ باوجود چيئرمين سينيٽ جي ڪرسي تي نه ويٺو، جڏهن ته ووٽر جي نيت ظاهر ٿي چڪي هجي ته ووٽ ٿي چڪو آهي، 7 ووٽ ناجائز طريقي سان رد ڪيا ويا آهن، هن چيو ته عوام جي اکين آڏو چونڊ چوري ڪئي وئي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ به عمران خان سان گڏ نه آهن، اهي پي ڊي ايم سان گڏ آهن، سينيٽ ۾ هڪ نه پر 4 ڳجهيون ڪئميرائون لڳايون ويون،هن چيو ته يوسف رضا گيلاني سينيٽ جو چيئرمين ٿي چڪو آهي، اسان مريم نواز ۽ ٻي پي ڊي ايم قيادت سان مشوري کانپوءِ عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٻئي طرف حڪومت جي ترجمان وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر جيڪو قومي اسيمبلي ۾ ڪيو، ساڳيو ئي طريقو انهن سان به ٿيو آهي، قومي اسيمبلي ۾ 6 ووٽ خارج ٿيا هئا ۽ اڄ سينيٽ ۾ 7 ووٽ خارج ٿيا آهن. هن چيو ته پي ڊي ايم کي واضح شڪست ملي آهي.
اسان سمجهون ٿا ته سينيٽ ملڪ جو سڀ کان وڏو ۽ اهڙو ايوان آهي، جنهن ۾ سڀني صوبن کي برابري جي نمائندگي مليل آهي، ان سينيٽ جي چيئرمين جي چونڊ جيڪڏهن تڪراري ٿي وڃي ته اهو ملڪي ادارن لاءِ سٺو سنئوڻ نه آهي، جيتوڻيڪ مخالف ڌر چونڊن کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، پر اسان سمجهون ٿا ته ان حوالي سان خود سينيٽ ۽ حڪومت کي به اهي سمورا اعتراض ختم ڪرڻ گهرجن، جيڪي مخالف ڌر کي آهن، ڇو ته جيڪڏهن اهڙا اعتراض ختم نه ٿيا ته ايندڙ ٽن سالن لاءِ سينيٽ جو هي ايوان مسلسل تڪراري هوندو ۽ اهو يقينن جمهوريت ۽ ملڪ لاءِ بهتر نه آهي.