ليکڪ: شوڪت علي جلباڻي
هڪ همراهه ۽ سندس اولاد کان ڳوٺ وارا سندن حرڪتن جي ڪري بيزار هئا، ڳوٺ وارن پنچائت ڪري ان کي ڀت برادري مان ڪڍي ڇڏيو. سندس گهر ڳوٺ جي داخلي رستي تي هو، جڏهن ڳوٺ ۾ ڪا شادي غمي ٿيندي هئي ته هو گس وٺي بيٺو هوندو هو ۽ جڏهن به ڪو اجنبي شخص ڳوٺ جي پڇا ڪندو هو ته هو چوندو هو ها اهو منهنجو ڳوٺ آهي ڪهڙو ڪم اٿئي، مهمان عذر ٻڌائيندو هو ته چوندو هو ها اهي هن پرين ڳوٺ ۾ رهن ٿا، مون انهن کي پنهنجي ڳوٺ مان نيڪال ڏئي ڇڏي آهي، اجنبي ماڻهو حيران ۽ پريشان به ٿيندا هئا ته ٻيلي هن اڪيلي ماڻهو سڄي ڳوٺ کي ڪڍي ڇڏيو آهي يا هن کي ڳوٺ وارن ڪڍيو آهي. ساڳيو ئي حال هن وقت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جو آهي، هاريل ڌر کي اها خبر ناهي ته انهن کي ڪنهن ڪڍي ڇڏيو آهي، سينيٽ جي چونڊن ۾ جڏهن حڪمران جماعت اڪثريت سان کٽڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي اتي هن وقت حڪومتي اتحاد وٽ صرف 47 سيٽون آهن، جڏهن ته مخالف ڌر جي اتحاد وٽ 53 سيٽون آهن. وزيراعظم سينيٽ جي چونڊ نتيجن کان پوءِ آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق نمبر 7 تحت اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ پاڻ کي پيش ڪيو، چيف آف آرمي ۽ آءِ ايس آءِ جي سربراهه به ٻئي ڏينهن وزيراعظم سان ملاقات ڪري ملڪ کي اندرين ۽ ٻاهرين خطرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان کي پنهنجي وزارت عظميٰ جي ڳڻتي لاحق هئي ۽ پريشان ٿي ويو ته حڪومتي صلاحڪارن ته مخالف ڌر جي پارلياماني ميمبرن جي رابطن ۾ هجڻ جي ڳالهه ڪئي هئي هت ته حڪومتي ميمبر ئي ڦري ويا آهن، 2018ع وارين سينيٽ جي چونڊن جهڙيون هن وقت حالتون نه هيون ۽ نه ئي وري عام چونڊن جي اچڻ جو وقت هو، وزيراعظم اليڪشن ڪميشن کي چونڊن ۾ هيرا ڦيري جو ذميوار قرار ڏنو، پر پنهنجن جي وڪامجي وڃڻ جي گلا به نه ڪري سگهيو ۽ انهن کي غير مشروط معافي ڏئي انهن وڪاميل ماڻهن کان اين آر او وٺي اعتماد جو ووٽ پورو ڪيو، ايترو ئي نه پر حڪومت سمورن ميمبرن ۽ اتحادي ميمبرن کي پارليامينٽ لاجز ۾ ئي رهائي ڇڏيو ۽ زبردستي ووٽ وٺي پنهنجي جرئت جا قصيده به ڳارايا ويا، بهرحال ڪنهن به ٽين ڌر جي تصديق کانسواءِ وزيراعظم 178 ووٽ کڻي اعتماد جو ووٽ حاصل ڪيو، جنهن تي اپوزيشن پڻ واويلا ڪئي ۽ مخالف ڌر الزام هڻندي چيو ته حڪومتي ڌر وٽ 178 آهن ئي ڪو نه ته اهي ڪيئن مليا، پي ڊي ايم جي اتحادي پارٽي جي اڳواڻ ميان افتخار حسين حڪومتي اڪثريتي انگن اکرن به سواليا نشان لڳائي ڇڏيو، هن چيو ته حڪومتي اتحاد وٽ 180 ووٽ آهن، فيصل واوڊا استعيفيٰ ڏئي چڪو آهي، هڪ آزاد اميدوار نه آيو، اي اين پي جا 4 ميمبر به حڪومتي اتحاد وٽ موجود نه هئا ۽ وزيراعظم پاڻ ۽ ٻيو قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر آهي، يعني 7 ميمبر کٽل هئا ته پوءِ 178 جو انگ ڪيئن پورو ٿيو؟ حڪومتي ڌر ان ڳالهه کي رد ڪيو پر جڏهن فيصل واوڊا ۽ هڪ آزاد ميمبر نه هئا ته ووٽ 178 بچيا پر اصولن قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ووٽ نٿو ڏئي سگهي، بي اين پي ته حڪومتي صفحن مان نڪتل آهي، يعني بي اين پي جي 4 ميمبرن وزيراعظم جي چونڊ ۾ کيس ووٽ ڏنو هو، اڄ اهي به ناهن ته پوءِ حڪومتي انگ اکر ڪيئن پورا ٿيا؟ ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ضياءُ الحق جو ريفرنڊم هجي يا مشرف جو ريفرنڊم عوام جو اعتماد انهن تي هميشه عام چونڊن کان وڌيڪ ٽرن آئوٽ ۾ ڏيکاريو ويندو آهي پر حقيقتون ان جي ابتڙ هونديون آهن. بهرحال ۾ جڏهن ميدنا ۾ صرف اوهان ئي بيٺا هجو ته فتح جا دعوديدار به اوهان ئي هوندا پر ڇا اعتماد جو ووٽ وٺڻ کانپوءِ وزيراعظم پراعتماد آهي؟ منهنجي نظر ۾ سياسي جنگ هاڻ اعصابي جنگ بڻجي چڪي آهي، وزيراعظم جن کي چور چئي چونڊ کٽي رهي هئي، اڄ انهن جي ڪري ئي چونڊون هارائي رهيو آهي، سندس اعصابن تي مخالف ڌر هاءِ وي ٿي چڪي آهي. مخالف ڌر قومي اسيمبلي جو بائيڪاٽ ڪري هن وقت تائين ته درست فيصلو ڪيو آهي.
جيڪڏهن مخالف ڌر اسيمبلي ۾ حاضر به هجي ها ته تڏهن به ائين ئي ٿئي ها جيئن ڇنڇر جي ڏينهن ٿيو، اعتماد جي ووٽ وٺڻ کان پهرين تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ وزيراعظم عمران خان طرفان ميمبرن کي آئين جي آرٽيڪل 58 تحت ڪارروائي جي ڌمڪي ڏيڻ جو ڪو اخلاقي جواز نظر پئي آيو، وزيراعظم عمران خان جي تقرير دوران پرويز خٽڪ اسيمبلي ۾ ڪنهن وقت جي آمر حڪمران جيان مڪ لهرائي فتح جو تاثر ڏئي رهيو هو ته اندازو لڳايو جمهوريت مان اوهان کي ڪهڙي خوشبو ايندي هوندي.بلاول ڀٽو زرداري ننڍي عمر ۾ پنهنجي پيءُ آصف علي زرداري ۽ پنهنجي سينيئرن کان سکيل سياسي داءَ پيچ چڱي ريت سمجهي کيڏي رهيو آهي، ڏٺو وڃي ته پي ڊي ايم جي وجود کان وٺي تحريڪ کي اڳتي هلائڻ ۾ متحرڪ ۽ مخالفن کي ٽف ٽائيم ڏيڻ ۾ هو ڪامياب ويو آهي. حڪومتي ڌرين هر ممڪن تاثر ڏنو ته مخالف ڌر جو بيانيو ناڪام ٿي چڪو آهي پر ضمني چونڊن ۽ سينيٽ جي چونڊن ۾ شڪست مان حڪومت اندازو لڳائي چڪي آهي ته جمهوري جدوجهد جي تاريخ رکندڙ پ پ حڪومت لاءِ هڪ وڏو چئلينج ثابت ٿي پئي آهي، پي ڊي ايم استعيفائن ۽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جهڙن وڏن فيصلن جو ڪريڊٽ بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس پارٽي ڏانهن وڃي ٿو. جيڪي فيصلا بلڪل درست ثابت ٿيا آهن، هن وقت به پي ڊي ايم ۾ متحرڪ ۽ جمهوري طريقي کي اختيار ڪري بلاول ڀٽو زرداري تحرڪ ۾ نظر اچي ٿو، جيڪو حڪومت لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي. قومي اسيمبلي هجي يا حڪومتي صلاحڪارن جون ڪانفرنسون هر وقت اهي عوام کي مخالف ڌر تي بداخلاقي جو الزام هڻندي نظر اچن ٿا، قومي اسيمبلي آڏو ڌرڻو هڻي ويهڻ وارن کي ڪير ٻڌائي ته مخالفن کي جوتا هڻڻ مائرن ۽ ڀينرن جي ڪردارڪشي ڪرڻ ۽ سياست ۾ گارگند جو بنياد اوهان ئي وڌو آهي ۽ اهڙا رويا اڳتي به وڌايا پيا وڃن.حڪومت جي پريشاني جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته حڪومت قومي ادارن سان به مخالف ڌر جهڙا رويا اختيار ڪري پئي، حڪومت جتي انهن ادارن سان گڏ بيهڻ گهرجي اتي اهڙا ادارا مجبورن حڪومتي روين جي ڪري پريس بيان جاري ڪري رهيا آهن، مير ظفر الله جمالي کي حڪومت کانپوءِ تحريڪ انصاف ملڪ جي ڪمزور ترين حڪومت ثابت ٿي آهي. جهڙي ريت سياسي گرمي وڌي رهي آهي، ان مان اهو لڳي ٿو ته اعتماد جي ووٽ باوجود هي حڪومت گهڻو وقت هلي نه سگهندي، جيڪڏهن حڪومت اهڙي طريقي سان پنهنجا 5 سال ڪنهن جي ڪلهن تي ويهي پورا به ڪري وئي ته عوام ۾ ان جي مقبوليت جو گراف گهٽ ٿيندو رهندو، ڇو ته هڪ ڪمزور حڪومت ڪڏهن پنهنجن ته ڪڏهن اتحادين جي هٿان بليڪ ميل ٿيندي رهندي آهي ۽ ان جي شروعات 16 ميمبرن کي معاف ڪرڻ سان ٿي چڪي آهي.