259

فلم جي ڪهاڻي چوري ڪرڻ تي ڪنگنا رناوت خلاف ڪيس داخل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) پنهنجي تڪراري بيانن سبب خبرن جي زينت بڻيل بالي ووڊ اداڪاره ڪنگنا رناوت ۽ فلم رنيڪا ريٽرنز سان جڙيل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق ڀارتي مصنف آشيش ڪول دعويٰ ڪئي آهي ته صرف ان وٽ ئي دي ورئير ڪوئن جي زندگيءَ بابت واحد ڪاپي رائٽ آهي ۽ ڪنگنا سندس ڪهاڻي چوري ڪئي آهي. ڪنگنا رناوت پنهنجي 2019ع جي تاريخي فلم منيڪا رنيڪا: جهانسيءَ جي راڻي جو فالو اپ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو. داخل درخواست ۾ اداڪاره ڪنگنا رناوت جي ڀيڻ ۽ مئنيجر رنگولي چنڊيل ۽ پروڊيوسر ڪمال جين کي به ڌر بڻايو ويو آهي. مصنف آشيش ڪول پنهنجي بيان ۾ چيو ته اڄ مان وائيٽ ڪالر ڪرائيم خلاف پنهنجي زندگي جو هڪ نئون سفر شروع ڪري رهيو آهيان.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو