ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ ڪابه دلچسپي نه هئي پر حصو وٺڻ گڏيل فيصلو هو، هن وقت عوام وٽ وڃڻ ضروري آهي. ڊيرا اسماعيل خان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته سينيٽ چونڊون انجنيئرڊ هيون، چونڊ ۾ دلچسپي نه هئي پر حصو وٺڻ اتفاق راءِ وارو فيصلو هو، هن وقت ماڻهن وٽ وڃڻ انتهائي ضروري آهي نه ته هو سمجهندا ته هي ماڻهو رڳو عهدن لاءِ وڙهي رهيا آهن، معاشي بدحالي ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي، عوام وڏي اذيت مان گذري رهيو آهي. هن چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ ڪئميرائون ڪنهن ۽ ڇو لڳايون؟ 7 ووٽ ڪيئن رد ٿيا؟ ووٽ رد ٿيڻ جو ڇا سبب هو؟ ووٽ بددنيتي جي بنياد تي رد ڪيا ويا، جيڪا راند رچي پئي وڃي ان بابت سڀ آگاهه آهن، اسان عدالت سان رابطو ڪنداسين. هن چيو ته پي ڊي ايم ۾ سمورا فيصلا گڏيل راءِ سان ٿيندا آهن، آصف زرداري، مريم نواز ۽ عبدالغفور حيدري سان مڪمل رابطو آهي، 15 مارچ تي اسلام آباد ۾ پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس سڏايو پيو وڃي، جنهن ۾ لانگ مارچ متعلق فيصلو ڪيو ويندو، پارليامينٽ مان استعيفائون ڏيڻ کانسواءِ لانگ مارچ جو ڪو فائدو نه ٿيندو.
230