231

ملڪ ۾ ڪورونا جي ٽئين لهر شروع ٿي چڪي، برطانيا کان آيل وائرس تيزيءَ سان پکڙجي رهيو آهي: اسد عمر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي سربراهه اسد عمر ملڪ ۾ ڪورونا وبا بابت پيدا ٿيندڙ خطرناڪ صورتحال کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اسد عمر جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي ٽئين لهر جي شروعات ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ برطانيا کان آيل وائرس وڌيڪ نمايان آهي. اسد عمر چيو ته برطانيا کان آيل وائرس نه رڳو تيزيءَ سان پکڙجي رهيو آهي پر ان سان موت به وڌيڪ واقع ٿين ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو